Monday , June 16 2025
Breaking News

علي رضا عابدي جو قتل عام ٽارگيٽيڊ نه وڏي سازش جي شروعات آهي:سيد سردار احمد

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) ”علي رضا عابدي جو قتل عام ٽارگيٽيڊ قتل نه پر ڪنهن وڏي سازش جي شروعات آهي، خدا ڪري ته اُها سازش ناڪام ٿي وڃي“، اهو چوڻ آهي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي اڳواڻ سيد سردار احمد جو، سردار احمد مارجي ويل علي رضا عابدي جي گهر تي ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. سيد سردار احمد چيو ته، علي رضا عابدي منهنجو هم خيال هو، تمام گهڻو پڙهيل لکيل ۽ پارٽي اندر انهن ڏينهن ۾ به سڌي ڳالهه ڪندو هو جڏهن ڪير ڪڇڻ ڪي ڪفر سمجهندو هو. سردار احمد چيو ته، سيد علي رضا عابدي جو قتل مذاق جي ڳالهه ناهي ۽ نه ئي اهو عام سياسي،ذاتي تڪرار تان ٿيل ٽارگيٽيڊ ڪلنگ جو حصو آهي. هن چيو ته علي رضا عابدي جي قتل مان ڪنهن گهري سازش جو خطرناڪ بدبو اچي رهي آهي. اُها سازش بينقاب ٿيڻ گهرجي ۽ سندس قاتل گرفتار ٿيڻ گهرجن.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *