ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء آئيسوليشن ۾ رکڻ جو فيصلو. گذريل ڏينهن اوچتو بيمار ٿيل صدر آصف زرداري جي ٽيسٽن ۾ کيس ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، آصف زرداري جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين تصديق ڪندي چيو آهي ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ان ڪري کيس آئيسوليشن/قرطينا ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو آهي ته آصف زرداري جي طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي پر احتياط جي سخت ضرورت آهي.
Check Also
ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …