ڪراچي(رپورٽر سنڌ سماءَچار) سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي هڪ گريڊ کان15 گريڊ تائن نوان ملازم ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ورتو آهي، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊي جي هيلٿ کي هدايت ڪئي آحي ته ملازم ڀرتي ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن..سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي مان ملازمن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ گريڊ هڪ کان 15هين گريڊ جي پوسٽن تي ڀرتيون ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني وئي آهي. صحت کاتي پاران ڊي جي هيلٿ کي لکيل خط ۾ حيدرآباد ۾ 118، ڪراچي ۾ 103، بدين ۾ 333، ٺٽي ۾ 270 ۽ دادو ۾ 344 نيون ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. سنڌ سرڪار پاران ڄامشوري ۾ 281، ميرپورخاص ۾ 460، ٿرپارڪر ۾ 557 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 520 نيون ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …