Friday , April 25 2025

شيعا علماءَ ڪائونسل جي اڳواڻن جو ضد، آئسوليشن سينٽر سکر ۾ اجازت نه ملڻ تي هُل، ڌرڻو

آئسوليشن سينٽر ٻاهران شيعا علماءَ ڪائونسل جي اڳواڻن جو هُل،انتظاميا منٿ ميڙ ڪري ڌرڻو ختتم ڪرايو

سکر (خاص نمائندو سنڌ سماءَچار) ڪرونا وائرس آئسوليشن سينٽر ٻاهران شيعا علماءَ ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو هُل، سينٽر ٻاهران ڌرڻو ويهي رهيا، سکر ۾ ڪرونا وارائس  جي مريضن ۽ شڪي مانهن لاءِ قائم آئسوليشن سينٽر سکر ۾ متاثرن سان ملاقات لاءِ آيل شيعا علماءَ ڪائونسل جي اڳواڻن کي  انتظاميا پاران اجازت نه ملڻ تي اڳواڻن ۽ ڪارڪن وڏو هُل ڪري سينٽر ٻاهران ڌرڻو هنيو، جن کي اننتظاميا ايلاز منٿون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. تفتان سرحد کان سکر منتقل ٿيل زائرين سان ملاقات لاءِ آيل شيعا علماءَ ڪائونسل جا اڳواڻ ڪيترن ئي  ڪارڪنن سان گڏ آئسوليشن سينٽر پهتا ۽ سينٽر ۾ داخل زائرين سان ملاقات جو ضد ڪيو، جنهن جنهن تي انتظاميا کين سينٽر جي ضابطن ۽ قائدن بابت  ڄاڻ ڏيندي داخل ماڻهن سان ملاقات ڪرائڻ کانن انڪار ڪيو ته هنن اُتي وڏو هُل ڪري نعرا هنيا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن کانپوءِ سينٽر ۾ داخل مريض ۽ وائرس جي شڪ ۾ آئسوليٽ ڪيل ماڻهو به ڪمرن کان ٻاهر نڪري پيا. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ تي قرنطينا سينٽر سکر جي انتظاميا ڏاڍو پريشان ٿي وئي، اتي موجود سيڪيورٽي عملي پوزيشن سنڀالڻ لڳي ته انتظاميا وچ ۾ پئجي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو ۽ انتظاميا ڪجهه اڳواڻن کي  انتظامن بابت معلومات مهيا ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *