ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2011ع ۾ وڏي وزير پاران گريڊ 17 ۾ ڪيل 53 آفيسرن جو ترقيون غيرقانوني قرار ڏيندي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ، 2011ع ۾ وڏي وزير پاران گريڊ 17 ۾ آفيسرن کي ڏنل ترقين خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌايو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ مختلف کاتن ۾ ڪيل آفيسرن جي ترقين کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ترقي ماڻيندڙ 53 آفيسرن کي اصل کاتن ۾ واپس موڪلي 11 اپريل تائين عملدرآمد رپورٽ به پيش ڪئي وڃي.
Check Also
ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …