Sunday , June 15 2025
Breaking News

سنڌ حڪومت ڪتن پڪڙڻ لاءِ 24 ڪروڙ رپين جون گاڏيون خريد ڪندي

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪتا پڪڙي خصي ڪرڻ لاءِ 24 ڪروڙ رپين جون  گاڏيون خريد ڪندي، سنڌ ڪابينا فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مڪاني ادارن پاران صوبي ۾ ڪتا خصي ڪرڻ لاءِ گاڏيون خريد ڪرڻ جو پروپوزل پيش ڪيو، جنهن مطابق 24 ڪروڙ رپين جون گاڏيون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جي جازت گهري وئي. سنڌ ڪابينا مڪاني ادارن جي گهُر منظور ڪري ڇڏي. صوبائي وزير ناصر شاهه تصديق ڪندي چيو آهي ته، ڪابينا مڪاني ادارن واري کاتي لاءِ 24 ڪروڙ رپين جو گاڏيون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته انهن گاڏين ذريعي ڪتا پڪڙي اسپتالن تائين پهچايا ويندا جتي انهن ڪتن کي خصي ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *