Sunday , June 15 2025
Breaking News

سائين جي ايم سيد جي سالگرهه، سنڌ حڪومت قلم 144 لڳائي ڇڏيو

ڄامشوري ضلعي جي مانجهند تعلقي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ قلم 144 لڳايو آهي: ڪمشنر حيدر آباد جو نوٽيفڪيشن

حيدرآباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سائين جي ايم سيد جي 121هين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ حڪومت مانجهند تعلقي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لڳائي ڇڏيو آهي، ڪمشنر حيدرآباد جي هدايت تي ڄامشوري ضلعي جي تعلقي مانجهند ۾ ٻن ڏينهن سورهين ۽ سترهين جنوريءَ لاءِ قلم 144 لڳائي، هر قسم جي جلسن، جلوسن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ڪمشنر حيدر باد پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مانجهند تعلقي ۾ امن امان ۾ خلل پوڻ کي نظر ۾ رکندي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، لاڳاپيل سمورن ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪجي ٿي ته تعلقي اندر ڪنهن به قسم جو ڪو به جلسو، جلوس يا اجتماع ڪرڻ نه ڏنو وڃي. قلم 144 جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف لکت ۾ شڪايتون ڪري اهڙو عمل ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

About admin

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *