Friday , April 25 2025

خضدار ۾ فائرنگ، بلوچستان نيشنل پارٽي جو اڳواڻ 4ساٿين سوڌو قتل

خضدار ۾ فائرنگ، بلوچستان نيشنل پارٽي جو امان الله زرڪزئي معصوم پوٽي ۽ ٻن ساٿين سوڌو مارجي ويو

خضدار (سنڌ سماءَ چار نيوز) خضدار جي زهري واري علائقي ۾ هٿياربندن  جي فائرنگ ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ، پوٽي ۽ ٻن ساٿين سميت مارجي ويو، چئني جا مڙهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا. امان الله زرڪزئي جو قافلو بلبل واري علائقي کان نورگاما وڃي رهيو هو ته ڪريش پلان ٽ وٽ تاڪ لڳائي بيٺل هٿياربندن بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امان الله زرڪزئي جي گاڏي ۽ سندس قافلي ۾ شامل ٻين گاڏين تي انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ امان الله زرڪزئي سندس 14 سالن جو پوٽو مردان زرڪزئي ۽ امان الله جي ٻن ساٿين کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سولائي سان ڀڄي وڃڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويا. واقعي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ سرچ آپريشن ڪيو. ٻئي پاسي مقتولن جا لاش اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل پنهن جي هڪ ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته، ” مونکي يقين نه ٿو اچي ته امان الله ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪيو ويو آهي، اڄ بي اين پي ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، وٽس چوڻ لاءِ ڪي به لفظ ناهن“.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌوءَ تي ڌاڙو، زمينن تي والار نامنظور، ٻٻرلوءِ وٽ وڪيلن جو ڌرڻو جاري

ٻٻرلوءِ / خيرپور( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) “سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *