Sunday , June 15 2025
Breaking News

خانپورمهر: گندي پاڻي جي نيڪال وارو نظام تباهه، گندو پاڻي گهر ۾ ڪاهي پيو

خانپور مهر:

خانپور مهر ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪاره ٿي وڃڻ سبب گندو پاڻي رستن تي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
شهر جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره ٿيڻ جي نتيجي ۾ شاهي بازار، ٺڪراٺو اسٽينڊ، ميراڻي پاڙو، جامع مسجد پاڙو ۽ شڌاڻي مندر سميت ٻيا علائقا گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن.
شهرين نوشاد ملاح، دودو خان، صوفي لنجواڻي، منٺار رضا ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي.
هنن چيو ته گندگي سبب رستن تان گذرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *