Sunday , June 15 2025
Breaking News

حڪيم سعيد گرائونڊ تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ جهيڙي جو 700 ڄڻن تي ڪيس داخل

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ حڪيم سعيد گرائونڊ تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جي 7 سئو ڪارڪنن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ 12 مئي تي رٿيل پ پ  ۽ پي ٽي آءِ جي جلسي جي تيارين دوران پ پ  ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن پاڻ ۾ آمهون سامهون ٿي پيا هئا. ڪارڪنن جي جهيڙي دوران ڪيترن ئي گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون هيون، پوليس 7 سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن خلاف عزيز ڀٽي ٿاڻي تي سرڪاري فرياد هيٺ ايف آ۽ آر داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي اوڀر ڊاڪٽر سميع الله سومرو جو چوڻ آهي ته هن وقت ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان گرفتاري ڪئي ويندي، جهيڙي دوران ڪارڪنن جو انگ تمام گهڻو هيو سمورن ڪارڪنن کي گرفتاري نٿو ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *