Friday , April 25 2025

جي ڊي اي جو جي يو آءِ سان سيٽ ايڊجيسٽمينٽ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو

لاڙڪاڻو( رپورٽر     سنڌسماءَچار) جي ڊي اي قيادت جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو سان فون تي رابطو ڪري سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ ايم ايم اي جي اميدوارن کان هٿ کڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جي ڊي اي اڳواڻ صدرالدين شاهه راشدي جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو سان فون تي رابطو ڪري سيٽ ايڊجسٽمينٽ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. جي ڊي اي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومري کان سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ ايم ايم اي جي اميدوارن کي هٿ کڻائڻ جو مطالبو ڪيو. ذريعن موجب جي ڊي اي اڳواڻ لاڙڪاڻي ۽ ٻين هنڌن تي ايم ايم اي جي اميدوارن جي حمايت جي آڇ پڻ ڪئي. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومري سياسي رابطن کانپوءِ فيصلن لاءِ جي يو آءِ سنڌ جي مجلس شوريٰ جو اجلاس سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت غور ويچار ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *