Sunday , June 15 2025
Breaking News

جي يو آءِ سربراهه فضل الرحمان آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ تان هٿ کڻي وي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ جو سرباهه مولان فضل الرحمان سياسي طور تي هڪ قدم پوئتي هٽندي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ واري فيصلي تان هٿ کڻي ويو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته اي پي سڏائڻ وارو فيصلو في الحال ملتوي ڪيو آهي، ان جي تاريخ جو بعد ۾ ڪنداسين. مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پارٽي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس جنهن ۾ اي پي سي ۽ مسلم ليگ ن پاران ٽي او آرز طئي ڪرڻ تي صلاح مشورو ڪيو ويو.اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارٽي اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته اپوزيشن جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس  گهرايو وڃي، جنهن ۾ ٽي او آرز طئي ڪيا وڃن، پارٽي قيادت جي موجودگي ۾ اي پي سي ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته شهباز شريف سان پارٽي سطح تي رابطو ڪري رهيا آهيون، پارٽي فيصلي بابت ، ن ليگ قيادت کي آگاهه ڪيو ويندو، پارليامينٽ ۾ شهبازشريف، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *