تربت ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) تربت جي سبوڪ واري علائقي ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي اوچتو حملو ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ۽ 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا، واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. سبوڪ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي ته تيز رفتاري سبب گاڏي ڪلٽي ٿي پئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 5 اهلڪار شهيد ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جا وڌيڪ اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب شهيد اهلڪارن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل مصعود، حوالدار ذاڪر، سپاهي مسعود، فرمان الله، شهباز ۽ قيصر شامل آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب زخمين ۾ قمبر، اسد الله، سهيل، بلال ۽ صفت الله ۽ حنيف شامل آهن.
Check Also
ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو
ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …