Sunday , June 15 2025
Breaking News

بلديا فئڪٽري سانحو: ڪيس جو سالن بعد فيصلو اچي ويو، رئوف صديق باعزت بري، رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي ڦاهي جي سزا

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا فئڪٽري سانحي جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديق سميت چئن جوابدارن کي ثبوت نه ملڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو. سين ٽرل جيل ڪراچي جي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت بلديا سانحي جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. 8 سالن کانپوءِ ڪيس جي ٿيل فيصلي موجب عدالت ٻن جوابدران رحمان ڀولا ۽ زبير چريا تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻنهي جوابدارن کي ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت  بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌايل فيصلي ۾، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ تڏهوڪي صوبائي وزير رئوف صديقي، اقبال اديب خانم، عبدالستار خان ۽ علي حسن قادري خلاف ثبوت نه ملڻ تي کين باعزت بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي. عدالت چئن جوابدارن فضل احمد، ارشد محمود، علي محمد ۽ فئڪٽري جي مئنيجر شاهه رخ کي سهولتڪاري جو الزام ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

سيپٽمبر 2012 ۾ بلديا فئڪٽري کي باهه ڏيڻ واري واقعي ۾ 250 پورهيت سڙي مري ويا هئا، جن مان 25 کان وڌيڪ پورهيتن جي لاشن جي اڄ تائين سڃاڻپ به نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب 25 کان 30 پورهيتن جا وارث اڄ به پنهنجي ٻچن جي تدفين ناهن ڪري سگهيا سانحي جي مک جوابدار رحمان ڀولا کي ڊسمبر 2016 ۾ انٽرپول ذريعي گرفتار ڪري پاڪستان آندو ويو هو.

 

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *