Monday , June 16 2025
Breaking News

اميشا خاصخيلي جي اغوا واري الزام هيٺ آيل ڌر پاران انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائڻ جو الزام

عمر ڪوٽ ( رپورٽر سنڌسماءَچار) عمرڪوٽ پوليس تحويل مان پراسرار نموني گم ٿيل اميشا خاصخيلي ڊرامائي انداز ۾ هٿ اچڻ بعد الزام هيٺ آيل گرفتار ٿيل سيف الله ۽ فيض پلي جي وارثن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جي نوجوانن کي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي. اميشا خاصخيلي ڊرامائي انداز ۾ پوليس کي هٿ اچڻ بعد پلي برادري جي نوجوانن روشن علي، عبدالقادر، جاويد پلي ۽ ٻين عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ ھنگامي ڪانفرنس ڪندي چيو ته اميشا هٿ اچڻ بعد ثابت ٿيو آهي ته هو ڪٿي هئي ۽ ڪٿان بازياب ٿي آهي. هنن چيو ته سيف الله ۽ فيض پلي کي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي، سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته بيگناهه گرفتار ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪرائي معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *