
ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، منهنجي ڀليڪار ۽ حمايت ۾ لڳايل سمورا بئنرز فوري طور تي هٽايا وڃن، رٽائر ٿيندس ته پوءِ مونکي ڪير ياد به نه ڪندو. سپريم ڪورٽر ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي شهر ۾ گندي پاڻي جي نيڪال، پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته، شهر اندر منهنجي حمايت ۽ ڀليڪار جا بئنرز لڳايا ويا آحن، اُهي فوري طور تي لاٿا وڃن. چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته، مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تان جڏهن رٽائر ٿي ويندس ته پوءِ ڪير سڃاڻندو به ڪونه. چيف جسٽس جي اهڙي حڪم کانپوءِ انتظاميا ۽ پوليس صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، برنس روڊ ۽ عبدالله هارون روڊ سميت مختلف هنڌن تي لڳايل بئنرز حٽائي ڇڏيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جيڪي بئنرز رهجي ويا آهن، اهي به جلد لاٿا ويندا.
سنڌسماءَچار