ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، منهنجي ڀليڪار ۽ حمايت ۾ لڳايل سمورا بئنرز فوري طور تي هٽايا وڃن، رٽائر ٿيندس ته پوءِ مونکي ڪير ياد به نه ڪندو. سپريم ڪورٽر ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي شهر ۾ گندي پاڻي جي نيڪال، پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته، شهر اندر منهنجي حمايت ۽ ڀليڪار جا بئنرز لڳايا ويا آحن، اُهي فوري طور تي لاٿا وڃن. چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته، مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تان جڏهن رٽائر ٿي ويندس ته پوءِ ڪير سڃاڻندو به ڪونه. چيف جسٽس جي اهڙي حڪم کانپوءِ انتظاميا ۽ پوليس صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، برنس روڊ ۽ عبدالله هارون روڊ سميت مختلف هنڌن تي لڳايل بئنرز حٽائي ڇڏيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جيڪي بئنرز رهجي ويا آهن، اهي به جلد لاٿا ويندا.
Tags Banners in favour of CJP in karachi CJP welcome banners ڪراچي: رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن کي ياد به نه هوندس،منهنجي حمايت وارا بئنر هٽايا وڃن:چيف جسٽس ثاقب نثار
Check Also
شهيد جان محمد مهر جي شهادت کي سال گذري ويو، مک قاتل گرفتار نه ٿيا
شهيد جان محمد مهر جا اصل قاتل ۽ مک سهولتڪارن ڪچي ۾ نه پر سکر، …