Wednesday , April 24 2024

8ماڻهو مري ويا،200کان وڌيڪ بيهوش، ادارا ٻڌائي نه سگهيا ته ڪياماڙي ۾ ٿيو ڇا آهي

وڏي وزير پاران ڪياماڙي جو متاثر علائقو خالي ڪرائي ماڻهن کي شادي هالز ۾ ترسائڻ جي هدايت

8ماڻهو مري ويا،200کان وڌيڪ بيهوش، ادارا ٻڌائي نه سگهيا ته ڪياماڙي ۾ آخر ٿيو ڇا آهي

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ ٻه ڏينهن اڳ زهريلي گئس جي خارج ٿيڻ سبب 8 ماڻهو فوت ۽ 200 کان وڌيڪ بيهوش ٿي ويا آهن پر حڪومتي ادارن کي اڃا تائين اها خبر پئجي ناهي سگهي ته اها زهريلي گئس آهي يا ٻيو ڪجهه، وڏي وزير مراد علي  شاهه اوچتو ڪياماڙي جو دورو ڪري علائقو خالي ڪرائڻ جون هدايتون ڏينهن ماڻهن  کي شادي هالن ۾ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪراچي جي سمنڊ ڪناري واري علائقي ۽ ڪراچي بندر جي ڀرسان قائم قديمي آبادي ڪياماڙي ۾ ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور تي زهريلي گئس جي خارج ٿيڻ سبب هيل تائين 8 ماڻهون فوت ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ بيهوش  ٿيا آهن، جن مان اڪثر ماڻهن کي اسپتالن ۾ علاج بعد فارغ ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين به ڪيترائي ماڻهو مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ داخل آهن جن جو علاج هلندڙ آهي. پراسرار قسم جي زهريلي گئس اچانڪ ماڻهن کي بيمار به نه ٿي ڪري پر آهستي آاهسگتي غيرمحسوس نموني ساهه ۾ تڪليف ٿئي ٿي، جنهن بعد ڳلو خراب ٿيڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ شروع ٿي وڃي ٿو. مختلف سرڪاري ۽ نجي اسپتالن توڙي پوليس پاران ٻن ڏينهن دوران 8 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪي پي ٽي، نيوي، سنڌ جو صحت کاتو توڙي ٻيا لاڳاپيل اداران ٻه ڏينهن گذرڻ، 8 ماڻهو فوت ۽ 200 کان وڌيڪ اسپتال ڀيڙا ٿيڻ باوجود اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن ته آخرڪار اها گئس ڪهڙي آهي، ڪٿان خارج ٿئي رهي آهي ۽ گئس جي خرج ٿيڻ جو آخرڪار ڪهڙو ڪارڻ آهي، يا وري اڃا ئي مامرو ڪو ٻيو هي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ۽ ڱاري جي وچئين رات جو دير سان ڪياماڙي جي مختلف علائقن جو دور ڪري گئس پکڙجڻ واري معاملي بابت معلومات حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ واپس وزيراعليٰ هائوس پهچي هڪ مختصر هنگامي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته، ڪياماڙي جي جنهن علائقي ۾ زهريلي گئس وارو معاملو آهي اهو خالي ڪراريو وڃي ۽ ماڻهن کي هنگامي طور تي شادي هالز خالي ڪرائي اتي ترسايو وڃي، ماڻهن کي طبي امداد مهيا ڪرڻ، بيهوش ٿيندڙ ماڻهن کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينسز جو به بندوبست ڪيو وڃي ۽ ماڻهن کي امداد ڪرڻ ۾ ڪا به قصر نه ڏي وڃي، وڏي وزير ان سلسلي ۾ ڪورڪمانڊر ڪراچي سان به رابطو ڪري مددد گهري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *