Wednesday , April 24 2024

7سال گذري ويا پر جڊيشل ڪمپليڪس رتو ديرو جو اڏاوتي ڪم مڪمل نه ٿيو

لاڙڪاڻو (سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو رتوديرو جڊيشل ڪامپليڪس جي ھلندڙ اڏاوت جو معائنو ڪري ٺيڪيدار ۽ انجنيئر کي ڇھن مھينن اندر ڪم مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. رتوديرو جڊيشل ڪامپليڪس جو ڪم ستن سالن ۾ به مڪمل نه ٿيڻ جو چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ نوٽيس ورتو.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو عبدالغفور ڪلھوڙو رتو ديرو پهچي جڊيشل ڪامپليڪس جي ھلندڙ ڪم جو معائنو ڪيو، جنهن دوران ڪم اڌ ۾ ڇڏيل هو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پراونشنل بلڊنگس کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنئير غلام عباس سومرو ۽ ٺيڪيدار الله بخش دايو کي گهرائي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.سيشن جج لاڙڪاڻو ٺيڪيدار ۽ انجنيئر کي حڪم ڏنو ته جوڊيشل ڪمپليڪس رتو ديرو جي اڏاوت جو ڪم هر صورت ڇھن مھينن اندر مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج عبدالحق مڱريو، سينئر سول جج محمد علي رڪ، سول جج رتوديرو احمد علي گبول ۽ وڪيل اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *