Wednesday , April 24 2024

60سيڪڙو آدمشماري مڪمل، سنڌ ۾ رڳو97 لک گهر جيو ٽيگ ٿي سگهيا

60سيڪڙو آدمشماري مڪمل، سنڌ رڳو97 لک گهر جيو ٽيگ ٿي سگهيا

ڊجيٽل آدمشماري ۾ لکين سنڌي خاندان ڳڻپ کان رهجڻ جو خدشو برقرار

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ڊجيٽل آدمشماري 60 سيڪڙو مڪمل، ملڪي آئين جي ابتڙ ٿيندڙ ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ لکين سنڌي خاندانن جي ڳپ کان رهجي وڃڻ جو خدشو ختم نه ٿيو، پيپلزپارٽي پاران به نالي ماتر خدشا ظاهر، لاڳاپيل ادارن سان ڪا به لک پڙهه نه ڪئي، لکين غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهي ڳڻپ ۾ شامل، ڪراچي، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر، گهوٽڪي، خيرپور قمبر شهدادڪوٽ، دادو سميت مختلف ضلعن جا ڏورانهن علائقن ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري به نه ٿي. ملڪ ۾ ٿيندڙ آدمشماري بابت وفاقي حڪومت جي شماريات ڊويزن جي  ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آدمشماري ۾ سنڌ جي اڪثر ص:عن جي ڏورانهن علائقن ۾ وقت گذري وڃڻ باوجود گهر شماري ئي ناهي ٿي سگهي ته آدم ڳڻپ ڪيئن ٿي سگهندي، خيرپور، گهوٽڪي، سانگهڙ، خيرپور ۽ ٿرپارڪر جي ٿر ۽ اڇڙي ٿر جي آبادي وارن علائقن جي 90 سيڪڙو حصي ۾ گهر شماري به ناهي ٿي سگهي. سنڌ ۾ آدمشماري ڪندڙ عملي ۽ نگراني ڪندڙ اختيارين جي ذميوار ذريعن به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. گڏ ڪيل معلومات مطابق قمبر، ڪنڌڪوٽ، دادو، ڄامشورو جي ڏورانهن علائقن جون آباديون گهر شماري ۽ آدمشماري کان رهجي ويون  آهن، جيڪي 4 اپريل تائين به ڳڻپ ۾ اچي نه سگهنديون. گذريل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي ويا، انهن ڳوٺن ۾ به اڃا تائين ماڻهو مڪمل طور واپس اچي آباد ٿي ناهن سگهيا، جيڪي به گهر شماري ۾ شامل ناهن ٿيا، خدشو اهو به آهي ته اهي ماڻهو متبادل رهائش وارن علائقن ۾ رهن ٿا اتي به سندن ڳڻپ ۾ مختلف بهانا ڪيا پيا وڃن. سجاول، بدين ۽ ٺٽي ضلعي اندر سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ سوين ڳوٺ گهر شماري ۽ آدم ڳڻپ کان رهجي ويا آهن.

ان ئي سلسلي ۾ وفاقي شماريات ڊويزن ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت/ پيپلزپارٽي تڪراري آدمشماري جي سلسلي ۾ هن وقت تائين وفاقي حڪومت آڏو صرف زباني ڪلامي خدشا ظاهر ڪيا آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت يا پيپلزپارٽي لکت ۾ ڪنهن به قسم جا خدشا پيش ناهن ڪيا. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته آدمشماري تي خدشن بابت سنڌ حڪومت پاران گڏيل مفادن واري ڪانسل/ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) جو اجلاس سڏائڻ جو به لکت يا زباني مطالبو ناهي ڪيو، هيل تائين پيپلزپارٽي / سنڌ حڪومت صرف زباني خدشا ظاهر ڪيا آهن. پ پ پ سنڌ جي هڪ اهم ذميوار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آدمشماري واري معاملي تي جيڪا ڪراچي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وئي هئي، ان جي پڌرنامي جي بنياد تي ڪو به ياداشنامو وفاقي حڪومت کي ناهي اماڻيو ويو.

ڪراچي ڊويزن جي ملير ۽ اولهه ضلعن جي اڪثر ڏورانهن علائقن ۾ به گهر شماري توڙي آدمشماري ٿي ناهي سگهي، جتي پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان به اڳ جا سوين ڳوٺ گهر شماري ۽ آدمشماري کي رهجي وڃڻ جون شڪايتون  ملي رهيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *