Friday , April 19 2024

5ڪروڙ رپيا ڦٻائڻ جو الزام، ساجد جوکيو جي گرفتاري جون تياريون

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل پيپلز  پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ساجد جوکيي تي سرڪاري خزاني کي 5 ڪروڙ رپين جي نقصان پهچائي پئسا پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو الزام سامهون اچي ويو آهي، نيب ساجد جوکيو جي گرفتاري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سندس ضمانت رد ڪرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. نيب سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڪرپشن جا 5 ڪروڙ رپيا ساجد جوکيو جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيا، ساجد جوکيو ۽ ٻين جون عبوري ضمانتون رد ڪيون وڃن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي 128 ايڪڙ زمين جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ ساجد جوکيو، خواجا شجاعت حسين ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته، ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي 128 ايڪڙ زمين جو رڪارڊ هيراڦيري ذريعي سرڪاري خزاني کي 5 ڪروڙ رپين جو نقصان رسايو. ورڪرز بورڊ جا 5 ڪروڙ رپيا پي آرڊر ذريعي ايم پي اي ساجد جوکيو جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا. نيب عملدار عدالت کي درخواست ڪئي ته ساجد جوکيو۽ ٻين جون حفاظتي ضمانتون رد ڪيون وڃن. ان موقعي تي عدالت جوابدار خواجا شجاعت جي وڪيل جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڪيل کي پهرين مارچ تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن وڪيل پيش نه ٿيو ته ضمانت واري درخواست خارج ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *