Friday , April 26 2024

5مهينن کان ٻڌون پيا ته اڳڀرائي ٿيندي:جسٽس اقبال ڪلهوڙو- اي جي سنڌ (ضمير گهمرو) ڪميشن جو وقت وڃائي رهيو آهي: وڪيل شهاب اوستو

Iqbal kalhoro

سنڌ واٽر ڪميشن جي سربراهه ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو آهي ته صحت کاتو، آبپاشي، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ۽ مڪاني ادارن سميت ٻين کاتن پاران اهو ٻڌي رهيا آهيون ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي مهيا ڪرڻ، گندي پاڻي جي نيڪال ۽ اسپتالن ۾ صفاائي سٿرائي سميت ٻين مسئلن جي بهتري لاءِ ڪم ٿئي پيو جنهن سان بهتري ٿيندي. اهي ڳالهيون گذزريل 5 مهينن کان ٻڌي رهيا آهيون، هاڻي ڳالهيون نه پر ڪم کپي. گولاڙچي جو فلٽر پلانٽ وفاق کان ٺيڪيدار کي رقم نه ملڻ سبب 4 سالن کان بند پيل. وڪيل شهاب اوستو ڪميشن کي ٻڌايو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ (ضمير گهمرو) وٽ ڪميشن کي ٻڌائڻ ڪجھ به نه آهي، هاڻي هُو ڪميشن جو وقت وڃائڻ چاهي ٿو.

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ڪئي. جشٽس اقبال ڪلهوڙو مختلف کاتن پاران پيش ڪيل رپورٽس کي ڏسي رمارڪس ڏيندي چيو ته، هي ڪاغذي رپورٽون نه گهرجن. ڪارروائي دووران درخواستگذار شهاب اوستو، آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا. جڏهن ته اجلاس ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن ڪميشن کان مڪمل رپورٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ وقت گهريو ويو. ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته گذريل 5 مهينن کان ٽائيم ڏنو پيو وڃي، کاتي جي آفيسرن کي توهين عدالت جا نوٽيس به جاري ٿي چڪا آهن. ڪميشن جي اجلاس دوران ٽاسڪ فورس جي سربراهه ٻڌايو ته پيئڻ جي پاڻي ۾ اڃا تائين ڪابه تبديلي نه آئي آهي، پمپنگ اسٽيشنن تي اڃا به مسئلا آهن، ڪلورنگ نه پئي ڪئي وڃي، جيڪي سمپل ٻيهر ورتا ويا آهن، انهن ۾ ڪابه بهتري نظر نه آئي آهي، ڪلورنيشن نه ٿيڻ ڪري بهتري نه آئي آهي. ڪميشن جي اجلاس دوران انڪشاف ٿيو ته بدين ضلعي جي شهر گولاڙچي جو فلٽر پلانٽ گذريل 4 سالن کان بند پيل آهي، ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته وفاقي سرڪار فنڊ نه ملڻ ڪري ٺيڪيدار گولاڙچي وارو فلٽر پلانٽ سيل ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌايو ويو ته ٺيڪيدار سيڪيورٽي جي مد ۾ جمع ڪرايل 8 ڪروڙ 40 لک رپيا واپس نه ملڻ سبب فلٽر پلانٽ سيل ڪري ڇڏيو آهي. انهي فلٽر پلانٽ ذريعي روزانو 8 لک گيلن صاف پاڻي شهرين کي فراهم ٿي سگهي ٿو. چئن سالن کان فلٽر پلانٽ بند هجڻ تي ڪميشن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت رقم نٿي ڏئي ته صوبائي سرڪار ٺيڪيدار کي رقم ڏياري، پلانٽ بند هجڻ سان مشينري خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ته ڪميشن جي اجلاس ۾ ايم ڊي سيپا بقاءُ الله انڙ چيو ته وڏن صنعتي يونٽس تي پهريون دفعو 75 لک جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي، هن وقت تائين 75 لک رپيا ڏنڊ هنيو ويو آهي، 27 مختلف ڪيس انوائرمينٽل ٽربيونل کي موڪليا ويا آهن.

water_test 3

ايم ڊي واٽر بورڊ ڪيمشن کي ٻڌايو ته پاڻي چوري روڪرائڻ لاءِ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جن ۾ مقامي پوليس آفيسر به شامل ڪيا ويا آهن. ڪميشن صوبائي حڪومت کي ٽينڪر سروس ريگيولرائيز ڪرائڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت ڏيندي چيو ته ٽينڪر سروسز جي حوالي سان قانون ٽن هفتن اندر اسيمبلي مان پاس ڪرايو وڃي. ڪميشن سنڌ جي اسپتالن ۾ گند صاف نه ٿيڻ ۽ انسونيٽرز نه لڳڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آخري مهلت ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جنهن تي صحت کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته ڪم ٿي رهيو آهي، جلد اڳڀرائي ٿيندي، جسٽس اقبال ڪلهوڙي رمارڪس ۾ چيو ته 5 مهينن کان اهو ٻڌي رهيا آهيون ته اڳڀرائي ٿيندي، اسان کي ڪم کپي، هي ڪاغذي رپورٽون نه گهرجن. واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته مون کي حيدرآباد کان شڪايتون ملي رهيو آهي ته پاڻي صحيح نه ملندو آهي. ڪميشن حيدر آباد جي انتظاميا کي پاڻي جي فراهمي جو فوري طور تي حڪم ڏئي ڏنو. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي درخواست تي توهين عدالت تي دليل نه ٿي سگهيا. ان موقعي تي درخواستگذار شهاب اوستي چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل وٽ ڪميشن کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، ايڊووڪيٽ جنرل ڪميشن جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي. ڪميشن ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کي اسپتالن جو ڪچرو کڻڻ ۽ صاف پاڻي جي فراهمي بابت رپورٽ ڏيڻ ۽ منصوبن بابت ماسٽر پلان ٺاهي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ڪميشن وٽ رينجرز طرفان ملير مان ريتي بجري جي چوري بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ريتي بجري جي چوري هاڻي بند ٿي وئي آهي، جڏهن ته رينجرز جي پيٽرولنگ جاري آهي. ڪميشن گهڻ ماڙ عمارتن جي بيٽر مينٽ جي حوالي سان پيش ايندڙ قانوني ڏکيائيون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميشن سمورن ادارن کان رپورٽ طلب ڪندي اجلاس 26 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *