Wednesday , April 24 2024

460ارب رپين جي ڪرپشن ۾ ضمانت تي آزاد ٿيل ڊاڪٽر عاصم سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين مقرر

ڪراچي( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري بعد،مبنيا طور 460 ارب رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث ڊاڪٽر عاصم حسين کي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن /ايس ايڇ اِي سِي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر عاصم جي ايس ايڇ اِي سِي جي چيئرمين طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين ان تي عمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختياريون ٻڏ تر جو شڪار آهن. انڪري ئي گذريل هفتي خميس ڏينهن عاصم حسين جي چيئرمين ايس ايڇ اِي سِي جي مقرري باوجود کيس ايس ايڇ اِي سِي جي چارج ناهي ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عاصم کي ايس ايڇ اِي سِي مقرر ڪرڻ لاءِ ان کان اڳ هڪ منصوبابندي تحت پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدارت تان استعيفيٰ ڏياري وئي هئي، جنهن کي هڪ ڌڙي پاران پارٽي اندر اختلافن جو رنگ ڏئي کيس پرچائڻ لاءِ وري ٻي ڌڙي کي اندروني طور تي سرگرم ڪيو ويو. جنهن ۾ آصف زرداري جي آخري مداخلت تي ڊاڪٽر عاصم حسين کي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن / ايس ايڇ اِي سِي جو چيئرمين شپ ڏيڻ جو چيو. ذريعن موجب آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر  ان سموري معاملي ۾ اهم ڪردار اداڪيو آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين 460 ارب رپين جي مختلف ڪرپشن ڪيسز ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ ضمانت منظور ٿيڻ بعد کيس آزادي نصيب ٿي هئي. ڊاڪٽر عاصم حسين اڃا تائين ساڳين ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ضمانت تي آزاد آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *