Saturday , May 21 2022
uren

پاڻي جي ذريعن تي موسمي ڦيرگهير جا اثر _ ادريس راجپوت

ادريس راجپوتIdress

   آمريڪي قومي سامونڊي ۽ فضائي انتظام واري اداري (NOAA) مطابق، دنيا جي گولي ۾ گرميءَ پد ٽيون سال به وڌيو ۽ اهو سال 2016ع ۾ وڌ ۾ وڌ رهيو. ويهن صديءَ جي شروعات ۾ اهو 13.9 ڊگري سينٽي گريڊ هو، جيڪو سال 2016ع ۾ 0.94 ڊگري جي واڌ سان 14.84 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي ويو. نتيجي ۾ هندستان ۾ غير معمولي گرمي پئي ۽ اُتر قطب ۾ تمام گهڻي برف رجي. سال 2016ع ۾ ٻه غير معمولي واقعا ٿيا. ڪينيڊا جي البرٽا ۾ جهنگ کي باهه لڳي ۽ اولهه هندستان جي شهر فلوڊي ۾ 19 مئي تي گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو. مٿين ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته انساني سرگرمين جي نتيجي ۾ دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌي رهيو آهي، جنهن جي ڪري موسمن ۾ ڦير گهير اچي رهي آهي. سال 2015ع ۾ پيرس ۾ ٿيل ٺاهه ۾ اهو چيو ويو آهي ته، دنيا جي ملڪن جي ڪوشش اها هجڻ کپي ته ٿوري وقت لاءِ اهو 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه وڌڻ کپي ۽ ڊگهي عرصي ۾ اهو ڪنهن به صورت ۾ 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌڻ نه کپي. دنيا جو ٻيو نمبر گدلاڻ پيدا ڪندڙ ملڪ جو صدر ٽرمپ چوي ٿو ته موسمي ڦير گهير هڪ چرچي جهڙي ڳالهه آهي. هُن پيرس ٺاهه کي رد ڪرڻ جو چيو آهي ۽ ڪوئلي، تيل ۽ گئس مان بجلي پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. پر سال 2016ع ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد رڪارڊ ٿيڻ دراصل ٽرمپ کي به چتاءُ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ موسمياتي تباهي اچي سگهي ٿي. اها ئي صورتحال آهي، جنهن ڪري مراڪش ۾ ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ اٽڪل 200 ملڪن پيرس ٺاهه کي برقرار رکڻ جي گهر ڪئي ته جيئن موسمي آفتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.

Indus Delta2

گرمي پد وڌڻ ڪري موسمن ۾ ڦير گهير هڪ حقيقت آهي، جنهن جو اثر سنڌ هاڻي ڀوڳي پئي. سال 1999ع ۾ سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ سائيڪلون A-2 آيو،  جنهن بدين، ٺٽي ضلعن (هاڻوڪي سجاول ضلعي سميت) ۾ وڏي تباهي آئي. سال 1999ع کان 20011ع تائين ڏڪار واري صورتحال رهي. سال 2006ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ حيدرآباد شهر ۾ زبردست مينهن پيو. 18 ڪلاڪن ۾ 7 انچ مينهن رڪارڊ ٿيو، جنهن حيدرآباد جي سهڻي ۽ هوادار شهر کي ٻوڙي ڇڏيو. لطيف آباد ۾ ٻيڙيون هلڻ لڳيون. راڻي باغ جي جانورن واري باغيچي مان جانورن کي ڪراچي جي ”چڙيا گهر“ ۾ منتقل ڪرڻو پيو. شهر مان پاڻي ڪڍڻ ۾ 15 ڏينهن لڳا. سال 2010ع ۾ خيبر پختونخوا صوبي ۾ زبردست مينهن سبب سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ اچي وئي ۽ بندن کي چئن هنڌن تي کنڊ لڳا، جن مان ٽوڙي واري کنڊ مان تمام گهڻو نقصان ٿيو ۽ ڪن ايراضين مان پاڻي چئن مهينن ۾ نڪتو. خيرپور ناٿن شاهه جو شهر ٻڏي ويو. سال 2011ع ۾ سنڌ جي ڏاکڻي ۽ وچولي حصي ۾ درياهه جي کاٻي پاسي زبردست مينهن پيا ۽ وقفي وقفي سان اٽڪل مهينو هلندا رهيا. جن بدين، ميرپور خاص، سانگهڙ، ٿرپارڪر، ٽنڊو الهيار، شهيد بينظير آباد ضلعا ٻوڙي ڇڏيا ۽ پاڻي نڪرڻ ۾ 6 مهينا لڳي ويا. سال 2012ع ۾ درياهه جي ساڄي پاسي سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ زبردست مينهن پيا، جنهن سبب ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قمبر- شهدادڪوٽ ضلعا ٻڏي ويا ۽ اُتان پاڻي نڪرڻ ۾ ٻه ٽي مهينا لڳا.

River Indus1

پاڪستان تي موسمي ڦير گهير جا جيڪي اثر پئجي رهيا آهن، اهي هي آهن: گليشئرن جو رجڻ، دريائي ٻوڏ، شدت واريون برساتون ۽ سوڪهڙا. سنڌ پاڪستان جو پوڇڙ وارو صوبو آهي ۽ چوندا آهن ته ”پڇڙي بڇڙي“. جڏهن درياهن ۾ وهڪرا وڌن ٿا ته اسان وٽ ٻوڏون اچن ٿيون ۽ جڏهن درياهن ۾ وهڪرا گهٽجن ٿا، ته اسان وٽ پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي.

River Indus

گليشئرن جو رجڻ:

گرمي وڌڻ ڪري گليشئر رجن ٿا، جنهن ڪري شروع ۾ درياهن ۾ وهڪرا وڌندا. انٽرنيشنل پينل آف ڪلائميٽ چينج پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته گليشئر رجڻ کانپوءِ سنڌو درياهه جا وهڪرا 30 کان 40 سيڪڙو گهٽجي ويندا. جڏهن ته، سائنسدان Ken Hewitt سيٽلائٽ نقشن جي بنياد تي چيو هو ته اُڀرندي وارا گليشئر جيڪي نيپال ۽ تبت جي پاسي آهن، سي رجن پيا، پر اولهندي پاسي ۽ قراقرم وارا گليشئر، جيڪي سنڌوءَ کي پاڻي ڏين ٿا، سي رجڻ بدران وڌي رهيا آهن. انهيءَ کي (Korakoram Anomaly) يعني ”قراقرم واري بي قاعدگي“ چيو ويو. اها ڳالهه وري ان مان به ثابت ٿئي پئي ته تربيلا کان مٿي دريائي ماپي مطابق وهڪرن ۾ ڪا ڦير گهير نه ڏٺي وئي. تازو هڪ اداري Pakistan Integrated Mountain conservancyProgramme طرفان سر زمين تي ڪجهه ماپون ڪيون ويون، جن مان خبر پوي ٿي اهي گليشئر رجن پيا پر اها ماپ ٿوري ايراضي ۾ ڪئي وئي آهي. جڏهن سڄي ايراضي ۾ ماپ ڪئي ويندي ته پوءِ خبر پوندي پر منهنجي خيال موجب، Hewitt واري ڳالهه صحيح لڳي ٿي، ڇو جو اها سيٽلائٽ نقشي جي بنياد تي آهي. هن سڄي ايراضي جو جائزو ورتو آهي، تنهن ڪري سنڌوءَ ۾ گليشئر جو پاڻي اچڻ ڪري وهڪرا گهٽجڻ جو امڪان گهٽ آهي.

اسان وٽ ٻوڏون گهڻو ڪري مون سون وارين برساتن جي ڪري اچن ٿيون. تنهن ڪري واري ڦيريءَ سان برساتون پونديون ۽ ٻوڏون اينديون، ۽ ملڪ ٻڏندو. شدت واريون برساتون اڃان به پونديون ۽ ٻوڏون اينديون. وري جڏهن برساتون نه پونديون ته سوڪهڙا ٿيندا. يعني درياهن جو گهٽ ٿيڻ سبب آبپاشي جون گهرجون پوريون نه ٿي سگهنديون.

سنڌ جي آبپاشي نظام جي حالت:

اسان وٽ هڪ تمام وڏو آبپاشي، پاڻي نڪاسي ۽ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ جو نظام آهي. آبپاشي نظام ٽن بئراجن، 14 وڏن واهن، 106 وچولن واهن ۽ 1500 ننڍن واهن تي مشتمل آهي. واهن جي ڪُل ڊيگهه 13،234 ميل آهي، 42،268 واٽر آهن. اهو نظام هڪ ڪروڙ 28 لک ايراضي کي پاڻي پهچائي ٿو. نڪاسي واري نظام ۾ ڊرينون اچي وڃن ٿيون، جن جي ڊيگهه 5 هزار ميل آهي. سنڌ جي هڪ ڪروڙ، 28 لک ايراضي مان نڪاسي جو نظام رڳو 50 لک ايڪڙن ۾ آهي. يعني 39 سيڪڙو. ڪُل ٽيوب آهن 5863، جن مان 3920 مٺي پاڻي جا ۽ 1943 کاري پاڻي جا آهن.

ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪل 1325 ميل بند آهن، جن مان 875 ميل مهڙ وارا، 331 ميل پٺيان وارا ۽ 119 ميل ڪاڇي واري علائقي جا آهن. سنڌ جي آبپاشي نظام جي حالت خراب آهي. اڪثر واهن ۾ کنڊ پون ٿا. برم کاڄي ويا آهن. پاسن کان کاڌ آهي. پُلن جي حالت خراب آهي. ريگوليٽرن جا گيٽ صحيح ڪم نٿا ڪن. سنڌ ۾ سڄي آبپاشي ايراضي ۾ نڪاسي وارو نظام ڪونهي. ڪيترائي ٽيوب ويل بند آهن، جن جا يا ته بور فيل ٿي ويا آهن يا وري هلائڻ واري نظام ۾ خرابي آهي. ڊرينون لٽجي ويون آهن، جن جي کاٽي ڪا نه ٿي ٿئي.

سنڌ ۾ بندن جي حالت به ايتري سٺي ناهي. سال 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ ڪافي ڪم ٿيا آهن، پر ٻوڏ کانپوءِ صحيح سنڀال ڪانهي. انهن علائقن ۾ عملو ٻوڏ واري وقت کانپوءِ وڃي ئي ڪو نه ٿو. خانگي ماڻهن کي بندن ويجهو حد دخلين جي ڪابه روڪ ٽوڪ ناهي. چون ٿا ته سال 2010ع  واري ٻوڏ کان اڳ ماڻهن پنهنجا گهر ٺاهڻ لاءِ ٽوڙي بند تان مٽي کنئي هئي. جنهن ڪري اتان پاڻي اوور ٽاپ ٿيو ۽ کنڊ پئجي ويو.

Indus Delta3

موسمي ڦير گهير جي اثرن کي منهن ڏيڻ:

آبپاشي جو نظام ٻن سببن جي ڪري متاثر ٿي سگهي ٿو. هڪڙو اهو ته درياهه ۾ پاڻي گهٽجي وڃي، يعني نظام لاءِ گهربل پاڻي نه هجي. اسان وٽ فصلن کي پاڻي جي گهرج واهن ۾ هلندڙ پاڻي جو رڳو 40 سيڪڙو آهي. واهه مٽيءَ جا ٺهيل هجڻ ڪري 60 سيڪڙو پاڻي سيمي ذريعي ضايع ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن جر مٺو هجي ته اسان انهيءَ کي پنجاب وانگر ٽيوب ويلن ذريعي ڪڍي استعمال ڪري سگهون ٿا. پر سنڌ ۾ 50 سيڪڙو جر کارو آهي. ان ڪري واهن مان سيمو ٿيندڙ پاڻي کاري پاڻيءَ سان ملي خراب ٿي وڃي ٿو ۽ استعمال نٿو ڪري سگهجي. وري واٽر به ڪچا ٺهيل هوندا آهن، انهن ۾ به پاڻي سيمي ذريعي ضائع ٿئي ٿو. پاڻي کوٽ کي تڏهن منهن ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن انهيءَ زيان ٿيندڙ پاڻي کي بچايو وڃي. اهو واهه پڪي ڪرڻ سان ٿي ممڪن ٿي سگهندو. سنڌ ۾ انهيءَ لاءِ ڪم هلي پيو پر ان جي رفتار بنهه گهٽ آهي، جنهن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ترجيحات درست ڪرڻ جي گهرج آهي. يعني انهن ايراضين ۾ واهه پڪا ڪجن، جتي جر کارو هجي ۽ علائقو وارياسو هجي. سفارش جي بنياد تي واهه پڪا ڪرڻ بدران ضرورت جي بنياد تي واهه پڪا ڪيا وڃن. ٻئي پاسي جنهن نموني اسان جا ماڻهو ٻنين ۾ کليل پاڻي ڇڏي ٿا ڏين، اتي کِرا ٺاهي پاڻي ڇڏڻ کپي ۽ زمين کي سنوت ۾ آڻڻ کپي. وري ڪوشش ڪرڻ کپي ته ساريال بدران خشڪ پوک پوکي وڃي. اسان جي رڳو 39 سيڪڙو آبپاشي نظام ۾ نڪاسي وارو نظام آهي. وري جتي اهو نظام آهي، اتي اهو به شديد برساتن جي حساب سان ڊيزائن ٿيل ناهي. سال 2011ع وارين برساتن ۾ نڪاسي وارو نظام ”150 ملي ميٽر برسات 5 ڏينهن لاءِ“ واري گنجائش موجب ڊيزائن ٿيل هو. پر مينهن پيو 1000 ملي ميٽر. وري به جتي نظام موجود هو، اتان پاڻي ڪجهه ڏينهن ۾ نڪري ويو ۽ جتي اهو نظام ئي نه هو، اُتي پاڻي ڪيترائي مهينا بيٺل رهيو. وري جتي نظام هو، اُتي به ڊرينن جي کاٽي نه هئڻ پاڻي دير سان نڪتو. هاڻي اهو ظاهر ٿي ويو آهي ته، اسان جو نڪاسي وارو نظام سال 2011ع وارين برساتن کي به منهن ڏيڻ جيتري گنجائش نٿو رکي، جنهن کي جديد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

دريائي ٻوڏون سنڌ لاءِ تمام خطرناڪ آهن، جو ٻوڏ واري وقت ۾ درياهه جي سطح ڀر وارين ايراضين کان مٿي هوندي آهي. انهن ايراضين کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ درياهه جي ٻنهي پاسن بند ٺهيل آهن، پر هڪڙي پاسي انهن جي سنڀال صحيح نٿي ٿئي ۽ ٻئي پاسي ٻوڏ واري وقت عملو صحيح ڊيوٽي نٿو ڏئي. اهو عملو ڪم نٿو ڪري ۽ رڳو پگهار وٺڻ اچي ٿو، پوءِ بندن ۾ کنڊ پوڻ کان ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟ وري مسئلو امن امان جو به آهي. بند ڏوراهن علائقن ۾ آهن. پاڻي ٻوڏ دوران 24 ڪلاڪ وهي ٿو، جنهن ڪري بندن تي 24 ڪلاڪ عملو کپي پر امن امان جي خراب صورتحال سبب خاص طرح رات جو عملو انهن هنڌن تي ڊيوٽي ڏيڻ کان لنوائي ٿو، پوءِ انهن هنڌن تي کنڊ ته ضرور پوندا.

Indus Delta1

مٿين ڳالهين مان خبر پئي ته سنڌ موسمي ڦير گهير جي نتيجي ۾ ايندڙ آسماني آفتن کي منهن نٿي ڏئي سگهي. حڪومت کي انهن اوڻائين تي خاص توجهه ڏيڻ کپي ته جيئن ماڻهن کي ماضي قريب ۾ آيل مصيبتن کان بچائي سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *