Thursday , April 18 2024

25ارب رپين جي مني لانڊرنگ،حسين لوائي 8 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ايف آءِ اي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي گرفتار ڪيل چيئرمين کي، عدالت ۾ پيش ڪري 8 جولاءِ تائن جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي، حسين لوائي تي الزام آهي ته، هن 29 ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي 25 ارب رپيا مني لانڊرنگ ڪري پرڏيهه موڪليا. ايف آءِ اي پاران ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي مان گرفتار ڪيل آصف زرداري جي ويجهي دوست حسين لوائي کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو. ايف آءِ اي جي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪراچي محمد علي ابڙو پاران عدالت ۾ حسين لوائي جي گرفتاري ۽ ان خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر جسميت لاڳاپيل قانوني ڪاغذ پٽ پيش ڪيا. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي اها به درخواست ڪئي ته حسين لوائي کان 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ بابت اڃا گهڻيون ڳالهيون پڇڻيون آهين، جيڪي هن کان قانوني گهرجون پوريون نه هجڻ ڪري پڇي ناهيون سگهيا، ان لاءِ کيس جسماني رمانڊ تي سندن/ايف آءِ اي حوالي ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي حسين لوائي کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *