Thursday , April 25 2024

21هين رمضان کانپوءِ مرحليوار لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ ڪرونا جي وڌندڙ ٽئين لهر کانپوءِ ملڪ ۾ مرحليوار لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته 21هين رمضان کانپوءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي ويندي. دنيا خاص طور تي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويل ڪرونا وائرس کي نظر ۾ رکندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران سخت فيصلا ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون لڳائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، اين سي او سي 28هين اپريل کان بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي، اسلام آٻاد، لاهور، فيصل آباد، ملتان، گجرات، پشاور، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو حتمي فيصلو ڪري  ورتو هو، جنهن جي ڪجهه ڌرين پاران مخالفت ڪئي وئي.

ذريعن موجب مذهبي ڌرين، وزيراعظم عمران خان، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ ڪجهه مقتدر ڌرين به ايڪويهين رمضان کان اڳ ڪنهن به قسم جي پابندي/ لاڪ ڊائون جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن کانپوءِ اهو فيصلو ملتوي ڪيو ويو. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اين سي او سي نه چاهيندي به 21رمضان تائين لاڪ ڊائون جي سلسلي ۾ ڪو به وڏو فيصلو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هاڻي ملڪ جي وڏن شهرن جن ۾ ڪرونا جي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيڻ لڳي آهي انهن شهرن ۾ 21هين رمضان المبارڪ کانپوءِ مرحليوار لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب عيد کان پهريان ئي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي به پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ، اسلام آباد، لاهور، پشاور، فيصل آباد، گجرات، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لڳايو ويندو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته صحت جي وفاقي وزارت ۽ اين سي او سي انٽيليجينس رپورٽس به حاصل ڪري رهي آهي.

ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته اين سي او سي لاڪ ڊائون جي سلسلي ۾ سڄو هوم ورڪ ڪري ورتو آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جي صورتحال تي نظر آهي ۽ لاڳيتو صوبائي حڪومتن جي اختيارين کانسواءِ لاڳاپيل سمورن ادارن کان به رپورٽ ورتيون پيون وڃن. ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومتن ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ تمام گهڻي لاپرواهي ڪئي، خاص طور تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ بازارن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ سستي کان ڪم ورتو ته ساڳئي وقت ٽرانسپورٽرز، واپارين ۽ دڪاندارن مورڳوئي ايس او پيز کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن صووبائي حڪومتون سختي ڪن ها ته هيءَ صورتحال پيدا نه ٿئي ها. ڊاڪٽر فيصل سلطان ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو آهي ڪاروبار کليل رکڻ ۾ وفاقي حڪومت جون به ڪجهه ڪوتاهيون آهن جن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *