Saturday , April 20 2024

20سالن دوران وفاقي کاتن۾ سنڌ جي ڊوميسائل تي ڪيتريون نوڪريون مليون؟

ڪراچي (رپورٽ آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار ) سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار کان سنڌ جي ڊوميسائيلز تي گذريل 20 سالن دوران ڏنل نوڪرين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينينشن کاتي ( آءِ اينڊ سي ڊي) سنڌ ۾ 10 سالن دوران جاري ٿيل ڊوميسائيلز جي رڪارڊ جي جاچ پڙتال لاءِ ڪمشنرز کي جاچ ڪري هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينينشن کاتي پاران وفاقي حڪومت جي اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي اماڻيل خط ۾ پڇيو ويو آهي ته، ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي ڊوميسائيلز تي وفاقي حڪومت جي جي وزارت سميت لاڳاپيل ادارن ۾ گذريل 20 سالن دوران ڪيتريون نوڪريون ڏنيون ويون آهن، سمورا تفصيل پهرين جنوري 2000 کان 30 اپريل 2020 تائين مڪمل طور مهيا ڪيا وڃن.
وڏي وزير جي هدايتن تي امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينينشن کاتي سنڌ جي سمورن ڪمشنرز کي به خط لکي صوبي اندر گذريل 10 ورهين دوران جاري ڪيل سمورن ڊوميسائيلز جو رڪارڊ جاچيو وڃي، رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪري هڪ مهيني اندر رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ڪمشنرز کي لکيل خط ۾ ڊوميسائيل معاملي جي جاچ لاءِ ضلعي سطح تي اسڪروٽني ڪميٽيز جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ واري ڪڌي ڪم ۾ ملوث ڪامورن خلاف اڃا تائين ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *