Friday , March 29 2024

1991وارو پاڻي ٺاهه هڪ ڀيرو وري نظر انداز، سنڌ وري ڀوڳيندي

Sukkur barrage 1

پھرين اپريل کان شروع ٿيندڙ 6 ماھي خريف سيزن جي پھرين 3 ماھي ۾ 35 کان 40 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ کوٽ ٿيندي، سيزن لاءِ پاڻي ورڇ 91ع ٺاهه بدران 3 رخي فارمولي تحت ٿيندي، ارسا پاڻي صورتحال سبب 15 اپريل تائين فصلن جي پوکائي نه ڪرڻ واري تجويز تي قائم.ان ڏس ۾ پھرين اپريل کان شروع ٿيندڙ 6 ماھي خريف لاءِ پاڻي موجودگي جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ارسا جي فني ڪاميٽي جو اجلاس اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ريگيوليشن راڻا خالد جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ صوبن توڙي واپڊا جي نمائندن شرڪت ڪئي آھي.

اجلاس ۾ ارسا، صوبن ۽ واپڊا جي خريف ۾ پاڻي صورتحال جي حوالي سان پيش ڪيل پلان جي روشني ۾ پاڻي جي موجودگي جو ڪاٿو لڳايو ويو، جنھن جي بنياد تي کوٽ توڙي صوبن جي حصي جو تعين ارسا جي 31 مارچ تي صلاحڪاري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.ان ڏس ۾ ارسا جي ڊائريڪٽر ريگيوليشن ۽ ترجمان راڻا خالد ٻڌايو ته 6 ماھي خريف سيزن دوران 108 کان 113 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي دستياب ھوندو.

 واضح رھي ته پاڻي معاھدي تحت خريف ۾ پاڻي ضرورت جو ڪاٿو 118 ايم اي ايف فوٽ آهي، ايندڙ سيزن ۾ پاڻي گهرج کان 10 کان 7 ملين ايڪڙ فوٽ گھٽ ھوندو، جنھن سبب پاڻي ورڇ معاھدي جي پيرا 2 تحت نه ٿيندي. دريائن جا پيٽ خالي ھئڻ سبب خريف ۾ پاڻي لاسز به تاريخي طور وڌيڪ رھندا، ارسا جي ترجمان مطابق اجلاس ۾ لڳايل ڪاٿي مطابق آڳاٽي خريف پھرين اپريل کان 10 جون تائين انڊس زون ۾ پاڻي لاسز جي شرح 40 سيڪڙو جڏھن ته سيزن جي آخري ٽن مھينن ۾ لاسز جو ڪاٿو 20 سيڪڙو لڳايو ويو آھي. ساڳئي ريت آڳاٽي خريف ۾ جھلم-چناب زون ۾ پاڻي لاسز جي شرح 10 سيڪڙو ۽ آخري 3 ماھي ۾ زيرو لاسز جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي.ھن ٻڌايو ته پاڻي کوٽ توڙي صوبن جي حصي جو تعين صلاحڪاري ڪاميٽي ۾ لڳايل ڪاٿي جي بنياد تي ٿيندو، باقي خريف ۾ پاڻي کوٽ آھي، ان جو اثر ڇا ٿيندو؟ ان جو تعين صلاحڪاري ڪاميٽي ڪندي.

Sukkur barrage 3

ارسا ترجمان چيو ته شروعات ۾ خريف سيزن ۾ پاڻي کوٽ جو اندازو 55 سيڪڙو تائين ھو، جنھن جي روشني ۾ مارچ جي شروع ۾ صوبن کي ھڪ خط پڻ لکيو ھو پر اميد ته سيزن دوران پاڻي کوٽ 35 کان 40 سيڪڙو کان به گھٽ ٿيندي.ترجمان ٻڌايو ته اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندن درخواست ڪئي ته خريف ۾ پاڻي کوٽ دوران ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو نه ڪيو وڃي، جڏهن ته ضرورت جي صورت ۾ ڊيمن مان به پاڻي جاري ڪيو وڃي، جيڪا تجويز صلاحڪاري ڪاميٽي ۾ رکي ويندي، اميد ته سيزن دوران ان تجويز تي عمل ڪيو ويندو.ھن آڳاٽي خريف جي نشاندھي ڪندي ٻڌايو ته پھرين اپريل کان 10 جون تائين آڳاٽي خريف آھي، جنھن دوران پاڻي کوٽ رھندي، هن چيو ته اترين علائقن ۾ برف گهڻي پئي آھي، گرمي پد وڌندو ته برف ڳرندي، اميد ته سيزن دوران سٺو پاڻي ايندو. ارسا ترجمان ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته خريف ۾ پاڻي دير سان دستياب ٿيڻ سبب ارسا ان موقف تي قائم آھي ته 15 اپريل تائين نون فصلن جي پوکائي نه ڪئي وڃي.ترجمان ٻڌايو ته اجلاس ۾ بلوچستان جي نمائندي درخواست ڪئي ته خريف سيزن دوران بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کي پاڻي کوٽ کان آجو ڪيو وڃي. ڇو ته ٻنھي صوبن جي حصي جو پاڻي تمام گھٽ آھي.

خريف ۾ پاڻي صورتحال جي حوالي سان ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ۽ اٿارٽي جي چيئرمين سيد مظھر علي شاھ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سيزن جي شروع ۾ پاڻي گھٽ ھوندو پر اميد آهي ته اڳتي هلي صورتحال بھتر ٿي ويندي. خريف ۾ پاڻي ورڇ واري طريقي بابت ھن چيو ته سنڌ جو واضح موقف آھي ته ورڇ اڪارڊ جي پيرا ٻه تحت ٿيڻ گھرجي، جنھن بابت حتمي فيصلو ارسا جي صلاحڪاري ڪاميٽي ۾ ٿيندو. هوڏانهن ارسا ذريعن مطابق خريف ۾ پاڻي کوٽ دوران صوبن ۾ ورڇ اٿارٽي جي ماضي ۾ ڪيل فيصلي مطابق  اڪارڊ جي پيرا ٻه بدران 3 رخي فارمولي مطابق ڪئي ويندي.

 سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ وڌي 55.8 سيڪڙو ٿي وئي

Sukkur barrage 2

سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ وڌي 55.8 سيڪڙو ٿي وئي، ٽيموهه ۽ پنجند وٽ به پاڻي جي لاٿ ٿي وئي، تفصيل موجب سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، سکر بئراج جو پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16058 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته بئراج جو هيٺانهون وهڪرو 3300 ڪيوسڪ آهي، سکر بئراج تي پاڻي جي گهرج 28900 ڪيوسڪ، جڏهن ته پاڻي جي کڻت رڳو 12758 ڪيوسڪ آهي، جتي پاڻي جي کوٽ وڌي 55.8 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ٻئي پاسي گڊو بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 23.4 ۽ ڪوٽڙي بئراج  37.1 سيڪڙو آهي، ارسا پاران سنڌ کي اضافي 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جڏهن ته گڊو بئراج وٽ رڳو 2200 ڪيوسڪ پاڻي پهچي سگهيو آهي، جڏهن ته سکر بئراج تائين پهچندي اهو 1500 ڪيوسڪ بچندو، ٻئي پاسي ٽيموهه ۽ پنجند وٽ به پاڻي ۾ تيزي سان لاٿ ٿي آهي، ٽيموهه وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 1966 ۽ پنجند وٽ 2825 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، هوڏانهن تربيلا ڀرڻ جو سلسلو جاري آهي، تربيلا ڊيم وٽ سنڌ جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 300ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڊيم مان 20 هزار پاڻي ڇڏيو ويو، هوڏانهن ڪابل درياءَ جا به وهڪرا گهٽجي 16300 ڪيوسڪ تي پهتا آهن، ڪالاباغ بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 53742 ۽ هيٺانهون وهڪرو 51742 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته چشما بئراج وٽ چشما ڍنڍ کي ڀريو پيو وڃي، جنهن جي سطح ڊيڊ ليول کان چڙهي 642.3 فوٽ ٿي وئي آهي، چشما بئراج جو مٿانهون وهڪرو 42203 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 35 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تونسا بئراج وٽ پاڻي جا مٿيان ۽ هيٺيان وهڪرا 21 هزار 83 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا آهن، اهڙن انگن اکرن کانپوءِ اندازو لڳايو پيو وڃي ته سنڌ ۾ پهرين اپريل تي گڊو بئراج وٽ بندي کانپوءِ اتان کڄندڙ پاڻي به سکر بئراج وٽ پهچندو، ان ڪري سکر بئراج وٽ 4 يا 5 اپريل تائين ڪنهن حد تائين وهڪرا بهتر ٿيندا پر پوءِ به کوٽ جو ڪاٿو 35 کان 40 سيڪڙو لڳايو پيو وڃي، اپريل جي پهرين 10هين ۾ سنڌ کي 45 هزار ڪيوسڪ تائين پاڻي گهربل هوندو ۽ ان جي موٽ ۾ 28 کان 30 هزار ڪيوسڪ تائين پاڻي ملي سگهندو. ٻئي پاسي منگلا ڊيم ڀرڻ وارو سلسلو جاري آهي پر اتي ڪالهه جهلم جو مٿانهون وهڪرو 38071 ۽ هيٺانهون وهڪرو 31863 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *