Thursday , March 28 2024

18هين ترميم تي راتاهن جون دانهون ڪندڙ پيپلزپارٽي سنڌ ۾18ترميم خلاف عمل شروع

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت تي 18 هين ترميم تي ڌاڙو هڻڻ جو الزام هڻندڙ پيپلز پارٽي ارڙيهن ترميم جون ڌڄيون اڏاري ڇڏيون آهن، پيپلز پارٽي آئين جي خلاف سنڌ ۾ وڌيڪ خلاف قدم کڻندي مقرر تعداد کان وڌيڪ صلاحڪار ۽ خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيا، وڏي وزير جا وڌيڪ 3 صلاحڪار ۽ 2 خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جنهن بعد ڪابينا ميمبرن جو انگ 26 ٿي ويو، 13 وزير، 3 صلاحڪار ۽ 5 خاص مددگاراڳ ئي مقرر ٿيل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد عجلي شاهه جي منظوري سان سنڌ ڪابينا جي ميمبرز ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. سينيٽر ڪرشنا ڪولهي جي ڀاءُ ويرجي ڪولهي، نوشهروفيروز ۾ آصف علي زرداري جون زمينون سنڀاليندڙ مولابخش مبيجو، پير نورالله قريشي کي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رياض حسين شاهه ۽ نسيماغلام حسين کي ولڏي وزير جو خاص مددگار طور مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ جيڪي 5 خاص معاون ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ۾ اشفاق ميمڻ، وقار مهدي، راشد رباني، کٽو مل ۽ نواب وساڻ شامل آهن، واضح رهي ته 18 هين ترميم تحت وڏي وزير کي رڳو 5 خاص معاون رکڻا آهن، پر وڏي وزير 18 هين ترميم جي ابتڙ وڌيڪ 5 خاص معاون مقرر ڪري ڇڏيا، جن جو نوٽيفڪيشن چيف سيڪريٽري به جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سميت پ پ اڳواڻ وفاقي حڪومت تي الزام مڙهيندا رهن ٿا ته پي ٽي آءِ جي حڪومت خاص طور تي وزير اعظم عمران خان ارڙهين ترميم خلاف سازشون ڪري رهيا آهن ۽ سندن خلاف ڪيسز به ان جي ئي ڪڙي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *