Saturday , April 20 2024

17هين گريڊ جي آفيسرز کي گاڏيون خريد ڪرائڻ لاءِ پالسي جوڙڻ چاهيون ٿا: مراد علي شاهه

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ ڪابينا پلاسٽڪ بيگس جي استعمال تي مرحليوار پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پهرين مرحلي ۾ سکر، ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ پابندي لڳائي ويندي، 12 پيرسن ۽ بيمار قيدين کي آزاد ڪرڻ جي منظوري، نئين سرڪاري گاڏين جي خريداري تي ٽن سالن لاءِ پابندي لڳائڻ جو فيصلو، وڏي وزير، گورنر، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، اسپيڪر ۽ چيف سيڪريٽري کي بلٽ پروف گاڏيون ڏيڻ جي منظوري. سنڌ سرڪار نين سرڪاري گاڏين جي خريداري تي ٽن سالن تائين پابندي لڳائي ڇڏي، سنڌ ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اهڙي پاليسي ٺاهڻ چاهيان ٿو، جنهن تحت 17 هين گريڊ جي آفيسر کي هڪ گاڏي ليز تي خريد ڪري ڏني وڃي ۽ هو پاڻ ان جون قسطون ادا ڪري. وڏي وزير  مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران وڏي وزير، گورنر، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، اسپيڪر ۽ چيف سيڪريٽري کي بلٽ پروف گاڏي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سڄي صوبي ۾ پلاسٽڪ بيگس جي استعمال تي پابندي لڳائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽن مهينن دوران مرحليوار سمورن ضلعن ۾ پلاسٽڪ بيگس جي استعمال تي پابندي لڳائي ويندي. ڪابينا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ سکر ضلعي ۾ پلاسٽڪ بيگس تي پابندي هڻڻ جي منظوري ڏني ويندي، ايندڙ مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پلاسٽڪ بيگس تي پابندي لڳائي ويندي.

اجلاس ۾ سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ بورڊ جي منظوري ڏني وئي، بورڊ جي لاءِ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري نالن بابت تجويزون ڏيندو. ڪابينا اجلاس ۾ جيل کاتي جو نالو تبديل ڪرڻ ۽ ڊي آءِ جيز کي ترقي ڏئِي آءِ جي جيل بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، آءِ جي جيل جي مقرري لاءِ 1978 جا رولز بحال ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ جيل پوليس کي خاص پوليس جو نالو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ميڊيڪل ڪميٽي جي سفارش تي 12 پيرسن ۽ بيمار قيدين کي آزاد ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي.  سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما ڪراچي بل جي منظوري ڏني وئي، بل جي منظور بعد سينٽر پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام شروع ڪري سگهبو. ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وزير يا آفيسر کي ڪي ٿريٽ هوندا ته ڪابينا جي منظور سان بلٽ بروف گاڏي فراهم ڪئي ويندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اهڙي پاليسي ٺاهڻ چاهيان ٿو، جنهن تحت 17هين گريڊ جي آفيسر کي هڪ گاڏي ليز تي خريد ڪري ڏني وڃي ۽ هو پاڻ ان جون قسطون ادا ڪرڻ سان گڏ مرمت به ڪرائيندو ۽ قسطون ادا ڪرڻ بعد گاڏي مستقل طور آفيسر حوالي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *