Tuesday , April 16 2024

16۽17فيبروري تي وزيراعظم هائوس جا انتظام ڪنهن وٽ هوندا؟

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سعودي عرب جو ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد پهچي رهيو آهي، ولي عهد جي دوري جي موقعي تي اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، اڄ 15 فيبروري جي شام کان وزيراعظم هائوس جا انتظام ولي عهد جي سيڪيورٽي ٽيم سنڀالي وٺندي جيڪا 18 فيبروري تائين انهن وٽ ئي رهندي.سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري ۽ سندس آمد تي شاندار آجيان جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، جيڪي اٺ جمعي ڏينهن شام تائين مڪمل ٿي وينديون. شهزادو محمد بن سلمان 16 ۽ 17 فيبروري ٻه ڏينهن پاڪستان ۾ ترسندو. وزيراعظم عمران خان ڪابينا سوڌو سعودي مهمان جي آجيان ڪرڻ کاب پوءِ عمران خان ولي عهد جي گاڏي پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪري کيس وزيراعظم هائوس وٺي ايندو، سعودي شهزادي کي ايف سيونٽين ٿنڊر جهاز سان سلامي به پيش ڪئي ويندي، حڪومت سعودي عرب مان ايندڙ وفد لاءِ 300 لينڊ ڪروزر بڪ ڪرائي ڇڏيون آهن، جنبابت ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن جي ڪرائي جي رقم سيڪريٽ فنڊز مان ڪئي ويندي.

شهزادو محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندو. ذريعن مطابق وزير اعظم عمران خان ڪابينا سميت سعودي ولي عهد جو استقبال ڪندو، جڏهن ته مهمان کي ايئرپورٽ کان وزير اعظم هائوس وٺي وڃڻ لاءِ 2 پلان جوڙيا ويا آهن، جن ۾ وزير اعظم عمران خان سعودي ولي عهد  محمد بن سلمان جي گاڏي هلائيندو، ٻئي پلان مطابق مهمان کي  هيلي ڪاپٽر جي ذريعي وزير اعظم هائوس روانو ڪيو ويندو، سعودي ولي عهد ، وزير اعظم هائوس ۾ رهندو.

ذريعن ٻڌايو ته سعودي ولي عهد 4 جهازن سان گڏ لينڊ ڪندو، پاڪستاني فضائي حدن ۾ مهمان جي جهاز کي جي ايف 17 پروٽوڪول ڏيندو ۽ پاڪستان اچڻ تي هن کي جي ايف 17 ٿنڊر تان سلامي به ڏني ويندي. شاهي مهمان جي وزير اعظم هائوس آمد تي گارڊ آف آنر ۽ 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي، جنهن بعد وزير اعظم عمران خان ولي عهد جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو، جڏهن ته ايوان صدر ۾ رات جي ماني جي دعوت ڏني ويندي. ذريعن مطابق سعودي ولي عهد محمد بن سلمان  سان گڏ 102 جو وفد هوندو، جنهن مان ڪجهه مهمان اسلام آباد جي خانگي هوٽلز م رهندا ۽ ان سلسلي ۾ 8 هوٽلن جي بوڪنگ ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *