Friday , April 26 2024

15سالن جي نينگري سان آن لائين مذهبي درس ڏيندڙ سميت 3 ڄڻن جي ڏاڍائي

اسلام آباد( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀيڻ سان مبينا طور تي جنسي ڏاڍائي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ٽن سڳن ڀائرن کي اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ سول جج عدالتي رمانڊ  تي اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آٻاد پوليس 15 سالن جي نينگري کي جنسي حوس جو ن شانو بڻائيندڙ ٽن سڳن ڀائر کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ڪيس جي جاچ سان لاڳاپيل هڪ سينئر پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته، نينگري سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن مان هڪ جوابدار مذهبي اسڪالر آهي، جيڪو آن لائين مذهبي خطبا ڏيندو هو، ان ٻين ٻن جوابدارن سان ملي نينگري کي مدرسي ۾ زيادتي جو نشانو بڻايو. ڪيس جي جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته حوس جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن جون عمريون 22 کان 30 سالن جي وچ ۾ آهن. بنون واسي متاثر نينگري جو خاندان گذريل ڪجهه سالن کان  گولڙهه شريف ۾ رهندو آهي. پوليس زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري کي ٻارڙن جي تحفظ واري حفاظتي مرڪز منتقل ڪري ڇڏيو آهي. نينگري 4 ڀينرن ۽ پنج ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍي آحي، والد جي وفات کانپوءِ ڀينرو ڀائرن سان گڏ گولڙه شريف واري علائقي ۾ رهنديون هيون.

جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته، متاثر پوليس ٻارڙي جي مرحوم والد جي هڪ دوست جيڪو ڊاڪٽر آهي ان جي ڪلينڪ جو دورو ڪري متاثر نينگري جو به بيان رڪارڊ ڪيو هو، ڪلينڪ تي موجود ڊاڪٽر ۽ علائقي واسين کان پڇاڳاڇا ڪري مختلف سوال ڪيا ويا. جاچ ۾ چيوويو آهي ته پهريان ٻارڙي جوابدارن خلاف شڪايت ڪئي هئي جنهن جي ڊاڪٽر ۽ علائقي جي ڪجهه چڱن مردن معاملي جي جاچ ڪري ڄاڻايل جوابدارن کان پڇاڻو ڪيو، جنهن دوران پهريان ته انهن انڪار ڪيو پر جڏهن علائقي جي ڪجهه بزرگ ماڻهن ساڻن سخت لهجي ۾ سوال ڪيا ته نيٺ انهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، جنهن بعد ٽنهي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ڪيس جي جاچ آفيسر جو جو چوڻ آهي ته جاچ دوران  جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، معاملي جي اڃا وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *