Friday , April 19 2024

شرجيل ميمڻ ڊاڪٽر عاصم حسين کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي چيف جسٽس جي ڇاپي کانپوءِ شرجيل ميمڻ ضياءَ اللدين اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر عاصم لاءِ نئون ڏچو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، شرجيل ميمڻ جي اسپتال ۾ سرگرمين عاصم حسين لاءِ پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس جي ضياءُ الدين اسپتال تي ڇاپي ۽ شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ کانپوءِ آصف زرداري جي ويجهي دوست ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي لاءِ پريشانيون وڌي ويون آهن. سنڌ سماءَچار پاران ڊاڪٽر عاصم ۽ شرجيل ميمڻ کي چيلهه ۽ ڪرنگهي ۾ سور واري بيماري بابت جڏهن ضياءُ الدين اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو ويو ته هُن نالو ظاهرنه ڪرڻ واري شرط تي ٻڌايو ته، اسپتال جي انتظاميا کان ڊاڪٽر عاصم حسين پڇاڻو ڪيو آهي ته، ” شرجيل ميمڻ جي ڪمري ۾ ڪير ڪير ايندو آهي ۽ ڇا واقعي به شرجيل ميمڻ جي ” تيمارداري “ لاءِ ايندڙ ممنوعه / پابندي مڙيل ۽ غير قانوني شيون کڻي ايندا آهن؟ ان معاملي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪئي آهي“، ان ئي ڊاڪٽر ٻڌايو ته، ” شرجيل ميمڻ سان 4 صحافي بنا ڪنهن مقرر وقت ۽ ناغي جي روزانو ملڻ ايندا آهن، انهن مان هڪ صحافي اڪثر ڪري رات جو ايندو آهي، جنهن کان اسپتال جو عملو پڇاڻو ناهي ڪندو ۽ نه ئي سندس سامان جي جهڙتي وٺندو آهي، هڪ ڀيرو ائين ٿيو هو جنهن تي اسپتال جي ان ملازم کي سزا ڀوڳڻي پئي هئي“. ڊاڪٽر جو اهو به چوڻ هو ته، ”ان صاحب جا پوليس ۽ صوبائي گهرو کاتي ۾ وڏا واسطا آهن، انڪري اسان به ڪن لاٽار ۽ اک ٽيڏ ڪري ڇڏيندا آهيون“.

ڊاڪٽر عاصم حسين کي به چيلهه ۽ ڪرنگهي ۾ صور جي شڪايت آهي ۽ شرجيل ميمڻ سان به ساڳيو ئي مسئلو آهي؟ واري سوال تي ڊاڪٽر کلندي جواب ڏنو ته، ” اها مونکي خبر ناهي ڇو ته مان انهن جو ڊاڪٽرناهيان، پر عام ڳالهه ته اهائي آهي“؛ پوءِ ڊاڪٽر عاصم جو علاج پرڏيهه ۾ ۽ شرجيل جون ضياءُ الدين اسپتال ۾ ٿئي پيو، ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ واري سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته، ” هاڻي اهو ته انهن جون ميڊيڪل رپورٽس ئي ٻڌائي سگهن ٿيون ته، سور آخر آهي ڪهڙو، جيڪڏهن ميڊيڪل رپورٽس ۾ به خبر نه پوي ته پوءِ ، بنده جاني اس ڪا خدا جاني، همارا ڪيا“. ان سلسلي ۾ اها به خبر پئي آهي ته شرجيل واري معاملي کانپوءِ ڊاڪٽر عاصم حسين ذاتي طور تي تمام گهڻو پريشان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *