Saturday , April 20 2024

12سالن ۾ خيبرپختونخوا کي اين ايف سي مان 410 ارب رپيا حصي کان وڌيڪ مليا

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت اپيڪس ڪميٽي ۾ اعتراف ڪيو آهي ته 2010 کان هلندڙ مالي سال تائين خيبرپختونخوا کي اين ايف سي مان 410 ارب رپيا سندس حصي کانسواءِ ڏنا ويو، اپيڪس ڪميٽي پاران دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪرڻ ۽ دهشتگردي خلاف افغانستان سان افغانستان سان فيصلائتين ڳالهين، نيڪٽا، خيبرپختونخوا جي پوليس، سي ٽي ڊي کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق توڙي صوبن ۾ هڪجهڙي پاليسي جوڙڻ تي به اتفاق، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيل اجلاس ۾ حڪومت اهم فيصلا ڪري ورتا، اجلاس ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، وفاقي وزيرن، چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم شرڪت ڪئي، وزيراعظم اجلاس ۾ پشاور سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن کي 20-20 لک ۽ زخمين کي 5-5 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.

اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته خيبرپختونخوا صوبي کي اين ايف سي ايوارڊ مان 410 ارب رپيا صوبائي حصي کانسواءِ مليا، ڪي پي کي اين ايف سي مان مقرر صوبائي حصي واري رقم ان کان علاوه آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس بابت جاري ڪيل پڌرائي موجب اپيڪس ڪميٽي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ افغانستان سميت ٻين پاڙيسري ملڪن سان ڳالهيون ڪرڻ، نيڪٽا، سي ٽي ڊي ۽ پوليس کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق توڙي صوبن ۾ هڪجهڙي پاليسي جوڙي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو وي آهي ته ملڪ اندر دهشتگردن جي مدد جا سمورا ذريعا ختم ڪرڻ  ۽ دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن رعايت جي ڪارروايون جاري رکيون وينديون

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *