Thursday , April 25 2024

10ورهين جي هڪ وڌيڪ نياڻي وحشتن جي ور چڙهي وئي

ملير (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ نياڻين کي اغوا ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻائي کائن زندگيون کسڻ جو هڪ وڌيڪ سانحو، گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان مارشلنگ يارڊ ڪالوني ۾ وحشي جوابدارن 10 ورهين جي نياڻي کي اغوا ڪري وحشت جو نشانو بڻائي گهٽاڏئي قتل ڪري ڇڏيو، پاڻي جي ٽئنڪي ۾ اڇلايل لاش هٿ اچڻ تي وارثن ۾ روڄ پئجي ويو، سندس جيجل کي بيهوشي جا دورا، مڙهه قمبر ويجهو بهرام پهچڻ تي ڳوٺ ۾ بغداد مچي ويو. بن قاسم پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري 16 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جوابدارن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. ڊي آءِ جي ايسٽ پاران واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري ڪجهه شاهديون هٿ ڪري ورتيون آهن. ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سيمپل ورتا ويا، ان ڏس ۾ ملير جي بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ گھگھر ڦاٽڪ ڀرسان واقع ريلوي مارشلنگ يارڊ ڪالوني جي رهائشي ريلوي ملازم منظور کوکر جي معصوم نياڻي ڏھه سالن جي خديجا بتول عرف خوشي کوکر کي وحشي صفت جوابدار زيادتي جو نشانو بنائڻ بعد رسن سان ٻڌي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف سندس والد منظور کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن گھگھر ڦاٽڪ ڀرسان سسئي ٽول پلازا وٽ لاش رکي جنازي نماز بعد ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب ڪراچي ٺٽو روڊ بند ٿي ويو، جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي زيادتي جو نشانو بڻيل نياڻي جي والد منظور کوکر دانهيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي , منهنجي معصوم نينگري کي اغوا بعد بي دردي سان قتل ڪيو ويو آھي. اسان جي دنيا اجڙي وئي آهي، هن چيو ته معصوم خوشي جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

احتجاج دوران مقتولا جي امڙ صوبائي وزير شهلا رضا کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي چيو ته منهنجي جگر جي ٽڪڙي کي اسان جي گھر مٿان ئي فليٽ ۾ رسن سان ٻڌي ماريو ويو، اوهان وزير آهيو، قاتل ڳولي ڏيو. جنهن تي شهلا رضا سميت بيٺل ماڻهن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. ان موقعي تي شھلا رضا چيو ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش آھي ته اصل قاتلن تائين جلد پهچي کين سخت سزا ڏياري وڃي. اسين معصوم نينگري جي وارثن سان هر ڏک سک ۾ گڏ آھيون. ملير مان چونڊيل ايم پي اي ساجد جوکيو چيو ته پوليس کي ڪافي ثابتيون مليون آھن، قاتل جلد گرفتار ٿي پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو. عورت ايم پي اي شاهينا شير علي بلوچ چيو ته خديجا کوکر جو قتل انسانيت جو قتل آھي ان واقعي سبب اسان جو ڪنڌ شرم کان جهڪيل آھي، هن چيو ته خوشي جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪندس، هوڏانهن پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ خوشي سان زيادتي ۽ گهٽو ڏئي قتل ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. هوڏانهن معصوم خوشي جو لاش قمبر پريس ڪلب آڏو رکي ڌرڻو هنيو ويو بعد ۾ سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ بهرام آڻي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *