Friday , March 29 2024

…۽ بلوچستان جي آجپي ۽ خوشحالي جا خواب ڏسندڙ اکيون بند ٿي ويون

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هڪ جيترو مان ماڻيندڙ ۽ بلوچستان جي آجپي ۽ خوشحالي جا خواب ڏسندڙ اکيون نيٺ بند ٿي ويون، بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير سردار عطاءُ الله مينگل اڄ خميس 2 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بي اين پي جي سينئر اڳواڻ ثناءُ الله بلوچ سردار عطاءُ الله مينگل جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سردار عطاءُ الله کي گذريل هفتي دل جي عارضي سبب نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو. ثناءُ الله بلوچ پنهنجي هڪ ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته عطاءُ الله مينگل جو مڙهه سڀاڻي صبح 5 وڳي ڌاري عطاءُ الله مينگل جي اباڻي ڳوٺ وڍ نيون ويندو، سندس جنازي نماز سڀاڻي جمعي ڏينهن 3 سيپٽمبر تي ٽن پهرن جو ٽَي وڳي ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ( ڊولپنگ اسٽوري…)

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *