Friday , April 26 2024

گڏيل مفادن واري ڪائونسل: بجلي جي پيداوار، اگھ مقرر ڪرڻ ۽ ورڇ جو اختيار ڏيو- سنڌ ۽ ڪي پي ڪي

murad-ali-shah1khuwaja asif

سنڌ ۽ ڪي پي ڪي سي سي آءِ جي نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم جي روشني ۾ صوبن کي بجلي پيداوار، قيمتن جي تعين ۽ ورڇ جا اختيار گھري ورتا آهن، جنهن تي وفاق آئين تحت اختيار ڏيڻ تي راضپو به ظاهر ڪري ورتو آهي، نيپرا فيصلن خلاف مامرن جي شنوائي لاءِ ٽربيونل قائم ٿيندا، ٽربيونل چيئرمين سال واري مدي لاءِ صوبن مان ٿيندو، سنڌ پاران پاڻي ورڇ 1991ع واري معاھدي تحت ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي.

تازو پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ٿيل بين الصوبائي اجلاس ۾، بجلي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ورڇ جي حوالي سان پاور ايڪٽ 1997ع ۾ ترميم جي منظوري بعد ان حوالي سان نيپرا ايڪٽ ۾ ترميمن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي به ويچاريو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، جڏھن ته پنجاب ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجا آصف چيو ته صوبن جي تجويزن جي روشني ۾ نيپرا ايڪٽ ۾ ترميمن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي، ھن وڏن وزيرن جي موجودگي ۾ چيو ته جيڪڏھن صوبن جا اڃا به ڪي اعتراض آھن ته اھي مھيني جي آخر تائين حل ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اجلاس جي حوالي سان وفاقي حڪومت آئين تحت بجلي پيداوار، ٽرانسميشن توڙي ورڇ جا اختيار ڏيڻ جي حوالي سان صوبن جي مطالبن سان اتفاق ڪيو آھي. ذريعن مطابق ان حوالي سان اھم رڪاوٽ بجلي تي سرچارج وارو مسئلو آھي، ان حوالي سان اھو طئي ڪيو ويو ته سرچارج مامرو سي سي آءِ طئي ڪري. ذريعن مطابق اجلاس ۾ نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان اھو پڻ طئي ڪيو ويو ته اٿارٽي جي فيصلن خلاف مامرن جي اڪلاءُ لاءِ ٽربيونل قائم ٿيندا، جن جي فيصلن خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري سگھبي، جڏھن ته اڳ ۾ نيپرا فيصلن خلاف ھاءِ ڪورٽن کي مامرن جي شنوائي جو اختيار ھو.

pervez khattak

ذريعن مطابق اجلاس ۾ اھو پڻ طئي ڪيو ويو ته بجلي مامرن جي حوالي سان قائم ٿيندڙ ٽربيونل جو چيئرمين واري واري سان صوبن مان ٿيندو ۽ ٽربيونل ميمبرن جي عمر 60 کان 62 سال ھوندي.  ذريعن مطابق ڪجهه مامرن تي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ اتفاق ناھي ڪيو ۽ هن موقف اختيار ڪيو ته صوبائي حڪومت انھن مامرن جي حوالي سان ھڪ ڀيرو ٻيھر سي سي آءِ سان رابطو ڪندي.

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته صوبو بجلي پلانٽ نصب ڪرڻ، بجلي اگھن جي مقرري توڙي بجلي ورڇ تي مڪمل ڪنٽرول چاھين ٿا، ھن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 157(2) تحت صوبا بجلي پيداوار لاءِ پاور ھائوس ۽ صوبائي حدن اندر گرڊ اسٽيشن قائم ڪرڻ سان گڏ ٽرانسميشن لائين وڇائي ۽ اگھه مقرر ڪري سگھن ٿا، ھن چيو ته اسان جو مطالبو آئيني آھي، جنھن تي اڳ عمل ناھي ٿيو، ھاڻي وفاقي وزير ان تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪيپٽو پاور مان بجلي پيداوار، ٽرانسميشن توڙي اگھن جي تعين جھڙا مسئلا درپيش آھن، ڇو ته ان حوالي سان اسان وٽ فيصلا ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جا اختيار ناھن، ھن دعويٰ ڪئي ته صوبي ۾ ڪيپٽو پاور مان 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي اھليت آھي پر اھا بجلي استعمال لائق ناھي، صوبو ان کان به وڌيڪ ڪيپٽو بجلي پيدا ڪري سگھي ٿو، جنھن سان صوبي ۾ لوڊشيڊنگ 4 کان 5 ڪلاڪ گھٽجي سگھي ٿي، ھن چيو ته صوبو بگاس پاور پيداوار جي سي پي پي اي وٽ رجسٽريشن جي مسئلي کي منھن ڏئي رھيو آھي پر ھاڻي وفاقي وزير ان مامري کي پڻ حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي. مراد علي شاھ ٻڌايو ته صوبن سندن تجويزون نيپرا ترميمي ايڪٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چيو آھي، جنھن تي پڻ وفاقي وزير نيپرا ايڪٽ جي حوالي سان صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي خاطري ڪرائي آھي، صوبي مان ملڪ جي ٻين حصن کي گئس فراھمي روڪڻ واري سندس موقف جي حوالي سان سوال تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آئون ان موقف تي قائم آھيان ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت گئس تي پھريون حق پيدا ڪندڙ صوبي جو آھي، ھن سنڌ ۾ پاڻي صورتحال جي حوالي سان چيو ته ارسا صوبي کي 1991ع واري معاھدي تحت پاڻي فراھمي کي يقيني بڻائي، سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته اسان سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ واري مامري تي پڻ غور ڪيو آھي، صوبو 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ کي منھن ڏئي رھيو آھي، جنھن تي وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته ھلندڙ سال جي آخر تائين لوڊشيڊنگ مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي، صوبن جا اعتراض ويھي حل ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *