Tuesday , March 19 2024

گڏيل جاچ ٽيم ڇاپئي ڪري سڀ خبر آ، ڊڄڻا مخالف سياسي ميدان ۾ ناڪام ٿيڻ بعد سازشون پيا ڪن: نواز شريف

Pm-Nawaz Jhang 02

اسلام آباد / جهنگ: سياسي ميدان ۾ مقابلو نه ڪري سگهندڙ مختلف بهانن سان اسان جي خلاف سازشون سٽي رهيا آهن، وزيراعظ۾ نوازشريف هنگامي طور سڏايل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ حقيقي معنيٰ ۾ انقلاب اچي رهيو آهي، پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، اهو وقت پري نه آهي جڏهن پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پهرين صف ۾ شامل هوندو، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهيون، اسان جي سياسي مخالفن کي اها تڪليف آهي ته پاڪستان ترقي جي بلندين تائين پهچي رهيو آهي، اونداهيون ختم ٿي رهيون آهن، اهي چونڊ ميدان ۾ ته اسان جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن.

وزيدراعظم هائوس اسلام آباد ۾  وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ جي آءِ ٽي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيڻ ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي واري صورتحال تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ صلاح مشوري ڪرڻ لاءِ ٿيل هنگامي اجلاس ۾ سياسي مخالفن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪالهه وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ نواز ليگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار ۽ قانون واري وزير زاهد حامد سميت وفاقي وزيرن ۽ صلاحڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جي آءِ ٽي جي امڪاني رپورٽ ۽ آئنده جي حڪمت عملي جوڙڻ تي مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته جي آءِ ٽي ۽ ٻين قانوني معاملن بابت قانون واري وزير زاهد حامد بريفنگ ڏني. اجلاس بابت مختلف ذريعن کان مليل معلومات مطابق اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته سياسي مخالفن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. مشاورتي اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال تي پارلياماني جماعتن سان رابطن ۽ ضرورت پوڻ تي سمورن قانوني ۽ آئيني آپشنز کي استعمال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وزيراعظم نواز شريف کي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ بابت آگاهي ڏني.

Pm-Nawaz Jhang 01

جهنگ : وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ حقيقي معنيٰ ۾ انقلاب اچي رهيو آهي، پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، اهو وقت پري نه آهي جڏهن پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پهرين صف ۾ شامل هوندو. ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهيون، اسان جي سياسي مخالفن کي اها تڪليف آهي ته پاڪستان ترقي جي بلندين تائين پهچي رهيو آهي، اونداهيون ختم ٿي رهيون آهن، اهي چونڊ ميدان ۾ ته اسان جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن، مسلم ليگ (ن) چونڊ ميدان ۾ انهن کي بار بار شڪست ڏني آهي ۽ آئنده به ڏيندي. اسان جا مخالف جيڪي عوامي حمايت کان وانجهيل آهن اُهي رڳو سازشون ڪن ٿا. مخالف ڪڏهن ڌانڌلي جي آڙ ۾، ڪڏهن ڌرڻي جي آڙ ۾ ۽ ڪڏهن احتساب جي آڙ ۾ سازش ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جا مخالف سازش جي ڊگهي لسٽ ٺاهي ڇڇڏي آهي، هڪٻئي جي پٺيان سازشن جو ڊگهو چٺو آه، هاڻي اُهي آءِ ٽي جي پٺيان لڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، چونڊ ميدان ۾ شڪست کائي سازش ڪرڻ بزدلي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه جمعي ڏينهن هتي حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ جي 760 ميگاواٽ جي پهرين يونٽ جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم تختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي جو افتتاح ڪيو، جيڪو 21 مهينن جي رڪارڊ گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿيو. وزيراعظم پلانٽ ڪنٽرول روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ جي سي اي او راشد محمود لنگڙيال منصوبي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته اها تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي جو منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي رڳو 21 مهينن کانپوءِ هو هتي اچي ان جو افتتاح ڪري رهيو آهي، 21 مهينا اڳ منصوبي جي جاءِ تي ٻني ۽ ميدان هئا، 21 مهينن ۾ ايترو وڏو منصوبو مڪمل ٿيڻ ناقابل يقين آهي. هن چيو ته ايتري مدي ۾ ته اهڙي منصوبي جو هڪ حصو به ٺهڻ مشڪل هوندو آهي. هن چيو ته، پاڪستان ۾ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي نئين روايت قائم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مختصر مدي ۾ بجلي جا وڏا وڏا منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن، هر ايندڙ مهيني ۾ ڪو نئون منصوبو افتتاح لاءِ تيار ٿي رهيو آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت سنڀالڻ کان وٺي هيستائين 7 هزار ميگاواٽ بجلي نظام ۾ شامل ڪري چڪا آهيون، اقتدار سنڀالڻ وقت 13 هزار ميگاواٽ بجلي هئي جيڪا 19 هزار کان ٽپي چڪي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. نواز شريف چيو ته پاڪستان ۾ روشنيون واپس اچي رهيون آهن.

وزيراعظم چيو ته جڏهن هنن اقتدار سنڀاليو ته ملڪ ۾ اونداهيون هيون، آبادگار جا ٽيوب نه هلندا هئا، ڪارخانا بند هئا، اڄ ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي، خوشحالي اچي رهي آهي، صنعتون هلي رهيون آهن، نئين بستين ۾ بجلي اچي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سياحت وڌي رهي آهي، پرڏيهي سياح پاڪستان اچي رهيا آهن، پرفضا ماڳن تي رهائشگاهن جو حصو مشڪل ٿي ويو آهي، ماڻهن جي آمدني وڌي رهي آهي، خريداري جي سگهه ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ صنعتن کي فروغ ملي رهيو آهي، اقتصادي ترقي وڌي رهي آهي، ايندڙ سال ۾ اقتصادي ترقي جي شرح 7 سيڪڙو کان وڌي ويندي، ترقياتي منصوبا ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جون اميدون وڌائي رهيا آهن. وزيراعظم ٻڌايو ته اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ هنن بجلي جا ڪارخانا هڻڻ جو سوچي سمجهي فيصلو ڪيو هو. توانائي بابت ڪابينا ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جا هفتيوار اجلاس ٿيندا هئا ۽ انهن ۾ بجلي جي منصوبن تي غور فڪر ٿيندو هو، قوم سان واعدو ڪيو هو ته بجلي ۽ روشنيون واپس آڻينداسين، ان واعدي کي تمام گهڻي حد تائين پورو ڪري ڇڏيو آهي ۽ باقي رهيل ڪسر ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پوري ڪنداسين.

وزيراعظم خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته، قوم سان ڪيل هر واعدو پورو ڪري رهيا آهيون، لوڊشيڊنگ کي پاڪستان مان سدائين لاءِ ختم ڪري رهيا آهيون پر لوڊشيڊنگ جي ذميوارن ۽ ڏوهي غفلت ڪندڙن کان به پڇڻ گهرجي ته هنن ڇو ملڪ کي اونداهين ۾ ڌڪيو هو، اها 10، 15 سالن جي ڏوهاري غفلت آهي جنهن سبب قوم اونداهين ۾ رهي آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن تي احسان نه ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهيون، اسان جي مخالفن کي اها تڪليف آهي ته پاڪستان ترقي جي بلندين تي پهچي رهيو آهي، اونداهيون ختم ٿي رهيون آهن، سڄي ملڪ ۾ موٽرويز ۽ هاءِ ويز جو ڄار وڇايو پيو وڃي. هن يچو ته ملڪ ۾ حقيقي معنيٰ ۾ انقلاب اچي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته حويلي بهادر شاهه جهڙا منصوبا ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه آهي. هن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي دل جي گهراين سان شاباس ڏني ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ۽ منصوبي تي ڪم ڪندڙ ٽيم کي پڻ ساراهيندي چيو ته ٻن سالن ۾ ايترو وڏو منصوبو مڪمل ٿيڻ ڪا ننڍي ڳالهه نه آهي، بلوڪي ۽ پورٽ قاسم پاور پراجيڪٽ پڻ افتتاح جي ويجهو آهن، اهو سڀ ڪجهه ناقابل يقين آهي، الله تعاليٰ اسان جي هٿن سان ايتري وڏي خدمت ورتي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به ملڪ جي معيشت لاءِ بجلي بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي، ان کانسواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي.

هن چيو ته اها حڪومت ئي ڪهڙي جيڪا پنهنجي قوم ۽ ملڪ کي بجلي کان محروم ڪري اونداهين ۾ آڻي ڇڏي، انهن ماڻهن جو جيترو سخت احتساب ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، لوڊشيڊنگ جي ذميوارن ۾ آمر به شامل آهن ۽ اهي ماڻهو به جيڪي هاڻي سياست ۾ نيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي جي مخالفن جي ڪا کوٽ نه آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نه رڳو بجلي ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون پر سستي بجلي ڏئي رهيا آهيون، حويلي بهادر شاهه منصوبي سان 6 رپيا 42 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿيندي. وزيراعظم نواز شريف منصوبي جي سي اي او راشد محمود لنگڙيال کي شاباس ڏيندي چيو ته ديانتداري سان ملڪ جي تعمير ڪندڙ شاباس جا مستحق آهن، مخالف اسان جي احتساب جي ڳالهه ڪن ٿا ڪڏهن بچت جي به تعريف ڪري ڇڏين. بجلي جي رڳو ٻن منصوبن ۾ 168 ارب رپين جي بچت معمولي ڳالهه نه آهي، پاڪستان ۾ بجلي واپس ئي نه اچي رهي آهي پر سستي به ٿي رهي آهي، بجلي سستي ٿيندي ته هاري، آبادگار ۽ صنعتن کي فائدو ٿيندو، گهريلو صارفين کي بلن ۾ گهٽتائي ٿيندي ته انهن کي سهولت ملندي. هن چيو ته ٿيندڙ بچت مان ڪيترائي ٻيا منصوبا به لڳي سگهن ٿا. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان کي پرعزم انداز سان ئي هلائي سگهجي ٿو. گذريل چئن سالن دوران ان ڏس ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ٽن ڏينهن کانپوءِ 10 جولاءِ تي داسو پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکنداسين جنهن ڏينهن جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ان منصوبي سان 4500 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، اهو منگلا ۽ تربيلا ڊيم کان به وڏو منصوبو آهي، ڀاشا ڊيم جي تعمير به جلد شروع ٿيڻ واري آهي، ڀاشا ڊيم مان 4500 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، ڀاشا ڊيم پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لحاظ کان سڀ کان وڏو هوندو جنهن سان آبپاشي جي لاءِ پڻ پاڻي دستياب هوندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي هر شعبي تي نظر آهي، اڄ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته غيريقيني جي فضا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، گذرندڙ ڏينهن ۾ غيريقيني جي صورتحال سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ڪمزور ٿي، ڪجهه ڏينهن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ هيٺ آئي ۽ هڪ ٻه ڏينهن اڳ رپئي جي قدر ۾ پڻ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي تنهن هوندي به اسان جو عزم مضبوط آهي، جن ماڻهن اسان کي روڪڻ جي لاءِ آسمان سر تي کڻي رکيو آهي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي عوام جي خدمت کان ڪو نه ٿو روڪي سگهي، اسان پنهنجو فرض ادا ڪندا رهنداسين. وزيراعظم سياسي مخالفن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي اهو ئي ڪم ڪرڻو آهي ۽ توهان اهو ئي ڪم ڪندا رهندا، گذريل چئن سالن کان اهو ڪم ڪري رهيا آهيو، مسلم ليگ (ن) هڪ ڀيرو نه، ٻه ڀيرا نه، بار بار توهان کي شڪست ڏني آهي، آئنده به شڪست ڏيندي، اليڪشن جي ميدان ۾ چونڊون کٽي نه ٿا سگهو، توهان رڳو سازشون ڪريو ٿا، توهان ۾ کٽڻ جي سگهه نه آهي، ڪڏهن ڌانڌلي جي آڙ ۾، ڪڏهن ڌرڻي جي آڙ ۾، ڪڏهن احتساب جي آڙ ۾ ۽ ڪڏهن جي آءِ ٽي جي پٺيان لڪڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇو ته توهان سمجهو ٿا ته اليڪشن نه ٿا کٽي سگهو، ان لاءِ سازش ڪريو ٿا، انهن شين جي بدران چونڊ ميدان ۾ اچي مقابلو ڪريو، عوام اسان کي ۽ توهان کي سڃاڻي ٿي، اسان جو پاڪستان جي ترقي ۾ سدائين مثبت ڪردار رهيو آهي، زراعت، صنعت ۽ معيشت سميت سمورن شعبن ۾ ترقي ڪئي آهي، ڳوٺن ۾ ٻنين کان منڊين تائين رستا ٺاهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ سستوٿي رهيو آهي، سستي بجلي فراهم ڪنداسين. هن چيو ته صنعت جي خدمت ڪري رهيا آهيون، جنهن سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، اسان اهو ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان خيبرپختونخواهه ۾ به موٽروي ٺاهي رهيا آهيون، خيبرپختونخواهه ۾ لنواري ٽنل تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ديامير ڀاشا ڊيم ٺاهي رهيا آهيون، سنڌ ۾ ٿر جي ڪوئلي سان منصوبا ٺاهي رهيا آهيون، سڄي ملڪ ۾ انفرااسٽرڪچر کي ترقي ڏئي رهيا آهيون، ايتري وڏي انگ ۾ رستا، هاءِ ويز ۽ موٽرويز ٺهڻ جو مثال ملڪي تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪٿي نه ٿو ملي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *