Friday , March 29 2024

گڏاپ: عيدالاضحيٰ جون تياريون، ايشيا جي وڏي مال پڙي تيار

PicsArt_08-04-03.08.22

گڏاپ (رپورٽ نبي بخش خاصخيلي) عيدالاضحيٰ جي لاءِ قرباني جي جانورن جي خريداري جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، قرباني جا جانور خريد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي چوپائي مال جي پڙي به تيار آهي. مال منڊي ۾ سڄي ملڪ مان چوپايو مال پهچڻ شروع ٿي ويو آهي.

سنڌسماءَچار گڏاپ جي سماچاري جي رپورٽ مطابق سپر ھاء وي ڀرسان ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي، پوري سنڌ مان ٻنھي مال پڙين ۾ جانور پھچڻ شروع ٿي ويا، قرباني عيد لاء ھزارين جانور پھچي چڪا، پراڻي پڙي 800 ايڪڙن تي لڳائي وئي آھي ۽ نئين پڙي 300ايڪڙن تي مشتمل آھي. پراڻي مال پڙي ۾ مجموعي طور تي30 بلاڪ جوڙيا ويا آھن ۽ نئين مال پڙي ۾ 28 بلاڪ قائم ڪيا ويا آھن. پراڻي مال پڙي ۾ بنيادي سھولتن جي واپارين پاران اڻھوند جون شڪايتون ڪيون پيون وڃن. ڪيترائي واپاري پراڻي منڊي ڇڏي نئين منڊي منتقل ٿي رهيا آهن.

khi maweshi mandi 01

گڏاپ جي سماءَچاري جو چوڻ آهي ته، سپر هاءِ وي تي وادي حسين قبرستان جي ڀر ۾ قائم ڪيو وي آهي،ي وئي آھي، پوري سنڌ مان ٻنھي مال پڙين ۾ جانور پھچڻ شروع ٿي ويا، قرباني عيد لاء ھزارين جانور پھچي چڪا، پراڻي پڙي 800 ايڪڙن تي لڳائي وئي آھي، واپارين پاران پراڻي منڊي۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ جون شڪايتون پڻ ڪيون ويون. نئين مال پڙي منڊي 300 ايڪڙن تي مشتمل آھي جيڪا مڪمل طور تي چارديواري جي اندر قائم ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ 28 بلاڪ رکيا ويا آھن. مين گيٽ کان وٺي چارون طرف پرائيويٽ سيڪيورٽي پڻ فراھم ٿيل آھي، مال پڙي اندر بنيادي سھولتون جنھن ۾ مال جي واپارين لاء بجلي، پيئڻ جي صاف پاڻي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آھي، جيڪو مال وندن کي مفت فراھم ڪيو پيو وڃي.

نئين مال پڙي ۾ واپارين لاء ٽيڪس بہ تمام گھٽ رکيو ويو آھي، جنھن ۾ وڏو ڍور، اٺ، 1000 روپيہ ۽ رڍ ٻڪري لاء 600 روپيہ مقرر ڪيو ويو آھي، واپارين لاء ڪمپني ايورسيٽ پاران مال وڪرو ڪري  پوءپئسىہ ڏيڻ جي سھولت پڻ فراھم ڪئي وئي آھي، جنھن سان مال وندن کي تمام گھڻو فائدو ملي سگھي ٿو، منڊي اندر صفائي سٿرائي لاء پڻ انتظام ڪيا ويا آھن. پڙيءَ اندر ڊاڪٽرن جو ٻہ ٽيمون پڻ سرڪار طرفان مفت فراھم ڪيون ويون آھن، جنھن ۾ مال لاء الڳ ۽ واپارين لاء الڳ ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويا آھن. نئين منڊي ۾ جانور پھچڻ شرط ئي شھري گھرن ۾ نہ رھي سگھيا ۽ سڌ مال پڙي جو رخ ڪيو آهي. پڙي پهتل شهرين شھرين سنڌسماءَچار کي ٻڌايو تہ منڊي ۾ تمام بھترين جانور آندا ويا آھن، پراڻي منڊي کان نئين منڊي ۾ جانورن جو قيمتن ۾ بہ ڪافي فرق آھي، تمام مزو اچي رھيو آھي تہ پھريون ڀيرو سرڪار پاران منڊي ۾ تمام بھترين سھولتون فراھم ڪيون آھن.

ايوريسٽ نئين منڊي جي انچارج رٽائر ڪرنل اعظم گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ مال پڙي 5 سالن لاء ھر سال 2 مھينن لاء لڳائي ويندي. ھي منڊي سرڪار جي اجازت سان لڳائي وئي آھي، منڊي اندر پرائيوٽ سيڪيورٽي سان گڏ سنڌ سرڪار پڻ ڀاڱي ڀائيوار آھي، حڪومت پاران مال پڙي لاء ڊاڪٽرن توڙي ويڪسينون پڻ منڊي لاء مفت فراھم ڪيون ويون آھن. ڪي اليڪٽرڪ عملي پاران پوري 300 ايڪڙ عراضي اندر بجلي پڻ لڳائي ڏني وئي آھي. هن ٻڌايو ته اسين چاھيون ٿا تہ پوري پاڪستان مان آيل واپارين کي ڪابہ پريشاني نہ ٿئي، ان لاء منڊي اندر ٽيڪس بہ تمام گھٽ رکيو ويو آھي.

PicsArt_08-04-03.23.21

ڪراچي ايشيا جي مشھور مال پڙي جي مقابلي ۾ نئين ايوريسٽ مال پڙي جي ٺيڪدار عمرالدين قريشي (دبئي والي) سنڌسماءَچار کي ٻڌايو تہ عوام ۽ واپارين کي بنيادي سھولتون ڏيڻ لاء مال پڙي جو بندوبست ڪيو ويو آھي، پراڻي منڊي مون 2002 ۾ لڳرائي ھئي پر ھاڻ ان پراڻي منڊي جي آس پاس پروجيڪٽ جا ڪم ھلڻ ڪري جڳھ تمام گھٽ آھي. مال کي پاڻي بجلي جون سھولتون سھي مقدار ۾ فراھم نہ ملڻ ڪري اسين نئين منڊي جو بنياد رکيو آھي. ٺيڪدار سان گڏ ويٺل، سکر جي مشھور واپاري عبدالڪريم پنھور ٻڌايو تہ پراڻي منڊي اندر ٽيڪس وڌايو ويو آھي پاڻي بہ پيئسن سان ملڻ ڪري اسان کي مال ۾ نقصان پھچڻ ڪري 4 سالن کان منھنجو مال حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ ٻين جاين تي ويندو آھي ور ھن سال مان پنھنجو مال ھتي کڻائي اچان پيو ھن منڊي ۾ سڀ کان وڏي سھولت پاڻي جي آھي ٽيڪس گھٽ آھي.

سپر ھاء وي ڀرسان ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي مان متاثر پنجاب ۽ سنڌ جي واپارين اسلم چاچڙ، محمد ارشاد، جاني سھاڳ، الھورايو، يوسف ۽ ٻين  ٻڌايو تہ پراڻي مال انتظاميہ ھڪ ڊرم پاڻي جو 2500 روپين ۾ اسان کي فراھم ڪري پئي. وڏي جانور لاء 1400 روپيہ وصول ڪيا ويندا ھيا، پيئڻ لاء صاف پاڻي جو گيلن 60 کان 100 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويندو آھي، پراڻي مال پڙي ۾ 8 گھنٽن کان وڌيڪ مال لاھڻ تي لڳي ويندو آھي. پراڻي منڊي ۾ سھولتن جي اڻھوند جي ڪري اسين مجبورن پنھنجو مال نئين منڊي ۾ آندو آھي، اسان کي ھتي 1000 روپيہ في جانور تي بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وينديون آھن، ھتي مال لاھڻ لاء بہ کلي جڳھيون تيار ٿيل آھن، پوري منڊي کي چارديواري آھي  اسان پاڻ کي ۽ پنھنجي مال کي نئين منڊي ۾ محفوظ سمجھون ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *