Friday , March 29 2024

گڏاپ: ايوب ڳوٺ جي گرائونڊ ۾ پيئڻ جي پاڻي لائين ٽٽل، گٽر جو پاڻي پيئڻ جي لائين ۾ ملي ويو

gadap001

گڏاپ (نبي بخش خاصخيلي) سنڌي وسندي ايوب ڳوٺ  کي پيئڻ جو پاڻي سپلاءِ ڪندڙ پائپ لائين گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ٽٽل هجڻ ڪري پاڻي پبلڪ گرائونڊ ۽ رستن وهڻ لڳو، پيئڻ جي صاف پاڻي ۾ گندو پاڻي ملي وڃڻ ڪري عجلائقي واسي صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ تي مجبو، چونڊيل نمائندا غائب ۽ واٽر بورڊ انتظاميا تحرڪ نه ورتو.

واٽر بورڊ وارن جي نااھلي سبب مين لائن ٽٽل ھجڻ ڪري صاف پيئڻ جو پاڻي بازار ۾ داخل، بازار ۾ لڳندڙ تنبو، ٽيبل ۽ ٻيو سامان پاڻي ھيٺ اچي ويو، بازار ۾ سامان لڳائيندڙ دڪاندار توڙي شھري سخت مشڪلاتن ۾ پئجي ويا. پائيپ لائن ڦاٽڻ سبب ان ۾ گندو پاڻي به شامل ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ رهواسين کي گندو پاڻي مهيا ٿي رهيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شڪايتن باوجود چونڊيل نمائندا ۽ واٽر بورڊ جي انتظاميا اطلاع ۽ بابر بار شڪايتن جي باوجود ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. پيئڻ جي پاڻي واري لائين جي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود مرمت نه پئي ڪئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ گندو پاڻي گهرن ۾ مهيا ٿي رهيو آهي. پائيپ لائن ڦاٽن سان پاڻي آچر ۽ اربع بچت بازار جي گرائونڊ ۾ بيهجي ويو آهي. واٽر بورڊ انتظاميہ جي نااھلي سبب مين لائن جي مرمت نہ ٿيڻ ڪري پاڻي ضايع ٿيڻ سان گڏ بيٺل پاڻي تي مڇر ۽ ٻيا جراثيم پيدا ٿيڻ سان بيمارين ڦهلجڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.

مين لائن ٽٽل ھجڻ ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي بازار ۾ داخل ٿي ويو بازار انتظاميہ جا تنبو توڙي ٽيبل، پاڻي ۾ ھيٺ اچي ويا، جنھن ڪري اربع ڏيھن لڳندڙ بچت بازار ۾ پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري دڪاندار توڙي عام شھرين کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رهيا آهن. مين لائن پراڻي ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي جاين مان سوين گيلن پاڻي ضايع ٿيڻ ڪري واٽر بورڊ انتظاميہ جو عملو مسلسل غائب رھڻ لڳو. جنھن ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پڻ ٿي وئي آھي، انتظاميہ جوعملو مين لائن جي مرمت لاء اڃان تائين  ڪي بہ اپاء نہ ورتا آھن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *