Saturday , April 20 2024

گٽرن جو گند مليل پاڻي، سنڌ ۽ گم ٿي ويل اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي..!!- اصغر آزاد

Thar 2thar 1

هڪ چوڻي آهي ته، ”اڪيلي سر ڪير ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي“. ان چوڻيءَ کي سنڌ جي نامياري قانوندان سائين شهاب اوستو جي عملي ڪوششن هڪ حد تائين جهڙوڪ رد ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جتي پيئڻ جو پاڻي واٽرسپلاءِ جي ذريعي مهيا ڪيو ويندو آهي اتان جا ماڻهو گٽرن جو گندو پاڻي مليل واٽرسپلاءِ جي ذريعي پي رهيا هئا، ٻئي طرف سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن اندر جر پاڻي به کارو ۽ سنکيو مليل پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن.

سائين شهاب اوستو سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا نه ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارو نظام تباهه هجڻ واري معاملي کي جڏهن عدالت ۾ کڻي ويو ته سچ پڇو ديوانن جا خواب ڏسندڙ ماڻهن کي ڪجهه اميد جو ڪرڻو نظر آيو جيڪو آهسته آهسته باک ڦٽي طرف وڌي رهيو آهي.

Shahab-Usto-Credit-tsj.com_.pk_شهاب اوستو

Justice Iqbalجسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ هڪ رڪني ڪميٽي قائم ٿي ته ، ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌي صحافت جي هڪ وڏي نالي جيڪي لفظ چيا اهي لفظ آءُ هيانءَ ۾ ڪنڊيءَ جي ٽانڊي جيان سانڍي رکيا آهن، جيڪي وقت اچڻ تي ڳائي وڄائي ايتري ئي محفل ۾ کيس ياد ڏياريندس. سنڌ واٽر ڪميش پاران ڪجهه شهرن جي دورن دوران واٽرسپلاءِ اسڪيمز، گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام سميت آرو پلانٽس جو به معائنو ڪيو آهي، جنهن دوران ڪجهه ڳالهيون ايتريون ته چٽيون ۽ واضع ٿي ويون آهن جو هاڻي ان ڳالهه تي به مٺيان ٿي لڳي ته، پ پ وارن کي ڪم ڪرڻ جي مهلت ناهي ڏني ويندي. اسٽبلشمينٽ سندن خلاف سازشون ڪندي رهي ٿي يا وري ائين ته اصل ڏچو بيوروڪريسي پيدا ڪندي آهي. جناب ! نه هاڻي اهو راڳ اٺيني ڪاري کان به ڪو مٿي سُر آهي ته ان تي به ڳايندا ته اوهان جو ڪاڪڙُ ته ڦاٽي سگهي ٿو، پر پنهنجي ڪرپشن ۽ بدانتظامين جي ڪارنامن کي لڪاي نه ٿا سگهو.

پيپلز پارٽي جي عوام دشمني جو ڪهڙو مثال ڏجي، بس جسٽس اقبال ڪلهوڙو جو اهو هڪڙو ئي جملو کوڙ آهي ته، ”سنڌ جا ماڻهو ورهين کان گٽرن جي گند جو مليل پاڻي واپرائي رهيا آحن، حيرت آهي ته پوءِ به اهي جيرا ڪين آهن“.

ٻيو مثال وري هين آهي ته ” مٺي ۾ سنڌ حڪومت پيڻ جي صاف پاڻي جو جيڪو آر او پلانٽ لڳايو آهي، نان بابت اهو انڪشاف ٿيو آهي ته ان ۾ پاڻي جي ڪُل گنجاش 5 لک گيلن پاڻي جي آهي ۽ آر او پلانٽ هلايندڙ ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت دعويٰ ڪندي رهي آهي ته مٺي شهر ۾ لڳل آر او پلانٽ ذريعي روزانو 20 لک گيلن پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي“ ، بس ڇا ڪجي چوندا آهن ته منهن به پنهنجو ۽ …..

sewage 2thar 1 Mithi RO plant

پيپلز پارٽي ۽ سندس حمايتي، پوءِ حمايت جا سبب ڪهڙا به ڇو نه ٻڌائيندا هجن، انهن کي نماڻو عرض آهي ته خدا پنهنجي سوچ، سمجهه، ڏاهپ ۽ هن سنڌ جي انهن ماڻهن جي واسطي جن کي گٽرن جو پاڻي پياريو پيو وڃي، پنهنجي زبان، قلم ۽ سوچن لڳايل تالاٽوڙيو، جيڪڏهن نه ته ته پوءِ ياد رکو تاريخ ۾ جيترو ڏوهي حڪمران آهن اوترائي ڏوهاري توهان ۽ اسان به هونداسين، پر ان کان به وڌيڪ ڏوهاري هونداسين ڇو ته ، سزا عقل ۽ فهم جي لاءِ هوندي آهي، جهالت ۽ لاعلمي کي نه.

 جڏهن به ۽ جتي به صحت ۽ تعليم سميت مختلف عوامي مسئلن تي ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن يعني اين جي اوز جا وڏيرا ويهندا هئا يا فائيو اسٽار هوٽلز ۾ سيمينار ڪرائندا هئا ته حڪومت تي ايڏا ڇوهه ڇنڊيندا رهندا هئا/ آهن جو الامان ڏي پناهه، وري وڃي ڪنهن وزير جو پاسو وٺي سنڌ حڪومت کان ڪو پروجيڪٽ (مفت جو مال( وٺي وري سال سوا گم ٿي ويندا هئا/آهن.

thar childThar 2

سنڌ جي سول سوسائٽي جيڪا ڌاڙگهوڙا ڪرڻ ۾ اصل زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، اهي وري ٻه چار ڪالم لکي وري وڃي ڪو منسٽر کان ڦائل صحيح ڪرائيندا ان جو جيڪو ليکو چوکو ملندو، ختم ٿيڻ تائين وري چاپڙ چاپڙ چپ.

اهڙي ماحول ۾ جتي سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز تائين سڀ رڳو ڌنڌي جي پويان لڳل هجن، اسان جهڙا صحافي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ چند رپين عيوض اين جي اوز جي پروگرامن ۾ وڃي، مختلف علائقن جا دورا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ۽ بس..

هن سڄي صورتحال ۾ اُهي سموريون اين جي اوز جيڪي سنڌ اندر بي پهچ ماڻهن کي سهولتن ڏيڻ لاءِ وجود ۾ آيون اهي خبر نه آهي ته ڪهڙي پاتال ۾ گم ٿي ويو آهن الائي جي ڪهڙو ڪک/ناگ سنگهي ويو آهي جو اهڙي ته ڇپ هڻي وياون آهن جو ڳوليو ڪو نه ٿيون لڀن.

اين جي اوز جن جيڪي فنڊز جو وڏو حصو ”ايڊووڪيسي/ جاڳرتا“ پيدا ڪرڻ تي خرچ ڪنديون آهن ڇو ته انهن ۾ کانچا وڌيڪ هجن ٿا آخر ويون ڪيڏانهن ، سنڌ واٽر ڪميشن ۾ ڌر ڇو نه ٿيون بڻجن، ڪراچي جو ميئر ۽ مصطفيٰ ڪمال ته ان ۾ ڌر بڻجي ٿو پر سنڌ جو ڪو به قومپرست، ڪا به اين جي او ۽ سول سوسائٽي ڪيڏاهن ويا، انهن کي هن معاملي تي زمين ڳهي وي يا آسمان  کاي ويو، ڪا خبر نه آهي، يا ته وري اين ڪرڻ سان سندن اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا…..

Justice Mohammad Iqbal Kalhorothar 1

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *