Friday , April 19 2024

گورنر پاران رد ڪيل شيخ اياز يونيورسٽي بل سنڌ اسيمبلي مان ٻيهر منظور

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ معذورن کي بااختيار بڻائڻ، شيخ اياز يونيورسٽي جي قيام، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ ۽ ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جا بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا آهن. بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت خرم شير زمان جي التوا واري رٿ تي بحث دوران بجلي هلي وئي، جنهن ڪري ايوان اونداهي جي ور چڙهي ويو. ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾گورنر پاران رد ڪيل شيخ اياز يونيورسٽي جي قيام، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ڪرڻ ۽ ڪالي موري ڪاليج حيدرآباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جا بل ٻيهر اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا. اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار چيو ته سنڌ صوبي ۾ چوٿون تعليمي ۽ امتحاني طريقه ڪار آندو پيو وڃي، ان جي ڪهڙي ضرورت آهي، ان بابت وضاحت ڪئي وڃي. اجلاس ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت خرم شير زمان جي التوا واري رٿ تي بحث ٿي رهيو هو ته ان دوران بجلي هلي وئي، جنهن ڪري ايوان اونداهي جي ور چڙهي ويو. پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان چيو ته مون 5 سال اڳ لوڊشيڊنگ بابت التوا واري رٿ جمع ڪرائي هئي، ان وقت ئي بحث ڪرايو وڃي ها ته اڄ اهڙو حال نه ٿئي ها. حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن لوڊشيڊنگ بابت خرم شير زمان جي رٿ سڀاڻي ايوان ۾ پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن بعد اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *