Friday , March 29 2024

گوادر ۾ شيهد ٿيل 9 پورهيتن مان 5 ڄڻن جا 16 ٻارڙا يتيم بڻجي ويا

piks

گوادر ۾ شهيد ٿيل غريب پورهيت اٽڪل ڏيڍ مهينو اڳ مزدوري لاءِ گوادر ويا هئا، جن کي مقامي ٺيڪيدار خدابخش بروهي گوادر وٺي ويو هو. شهيدن جي وارثن ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته ڳوٺ محمد صديق لاکو مان اٽڪل 200 ماڻهو مزدوري لاءِ گوادر ويل آهن. گوادر ۾ واقعو پيش اچڻ سبب ٻين پورهيتن جا وارث پڻ پريشاني جو شڪار آهن ۽ انهن پنهنجن مائٽن کي واپس اچڻ لاءِ چيو آهي.

شهيد ٿيل پورهيتن ۾ 5 ڄڻا شادي شده ۽ 4 غير شادي شده هئا. شهيد ظهير لاکو جي 4 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، جڏهن ته شهيد آصف جي هڪ سال، شهيد حڪيم جي 2 سال، جاڙل جي 8 سال ۽ ڪوڙو لاکو جي 6 سال اڳ شادي ٿي هئي. 4 ڄڻا غير شادي شده هئا، جن روزگار ملڻ بعد شادي جي تياري شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ عيدالفطر بعد مختلف تاريخن تي سندن شاديون ٿيڻيون هيون.

شهيدن ۾ 2 سڳا ڀائر رسول بخش ۽ عبدالحڪيم لاکو شامل آهن، 9 پورهيتن جي شهيد ٿيڻ سان 16 کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي ويا. شهيد ٿيل پورهيتن جي وارثن ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته اهي غريب مسڪين آهن، سندن نوجوان مزدوري  ڪري گهر جو گاڏو هلائيندا هئا. ڏيڊ مهينو اڳ سندن نوجوان مزدوري جي لاءِ هڪ پيٽي ٺيڪيدار سان گڏ مزدوري لاءِ ويا، جتي هڪ روڊ جي تعميراتي ڪم ۾ مزدوري ڪندا هئا. صبح جي وقت ڪم تي ويا هئا، ماني کائڻ وقت دهشتگردن حملو ڪري نوجوانن کي شهيد ڪيو.

gawadar shaheed children

توکانپوءِ ڪير لهندو سار – گوادر ۾ شهيد پورهيتن جا معصوم ٻارڙا

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *