Saturday , April 20 2024

گهٻرايو متان ! پيٽرول 5 رپيا مهانگو ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ٻيهر پيٽروليم بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ساڍا پنج رپيا تائين واڌ جو امڪان، فيصلو اڄ ٿي ويندو. ذريعن موجب وفاقي سرڪار پاران سيپٽمبر مهيني دوران ٻيو ڀيرو پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جو امڪان آهي، اوگرا پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ واري سمري پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن تي ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان صلاح مشوري بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب اوگرا پاران پيٽروليم ڊويزن کي موڪليل سمري ۾ پيٽرو جي اگهه ۾ 5 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا هڪ پئسو في ليٽر واڌ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سمري تي ناڻي واري وزارت پاران وزيراعظم عمران خان سان صلاح مشوري بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو دارومدار پيٽروليم ليوي ۽ جي ايس ٽي تي هوندو، هن وقت پيٽروليم ليوي 5 رپيا 62 پئا في ليٽر ۽ ڊيزل تي 5 رپيا 14 پئسا ليوي لاڳو ٿيل آهي. ذريعن موجب ان ڳالهه کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته پيٽروليم شين جا اگهه 15 سيپٽمبر وارا برقرار رکيا وڃن، يا وري معمولي ردوبدل ڪئي وڃي.

ياد هجي ته ماضي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مهيني ۾ صرف هڪ ڀيرو ردوبدل ڪئي ويندي هئي، جنهن تحت پيٽرول جا اگهه گهٽا يا وڌيا ويندا هئا يا وري اگهن کي برقرار رکيو ويندو هو،  تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ جي  ڪجهه عرصي کانپوءِ وزيراعظم عمران خان اوگرا ۽ پيٽروليم ڪمپنين جي صلاح مشوري تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قائم اصولن جي ابتڙ نئون اصول لاڳو ڪيو ويو، جنهن تحت اهو طئي ڪيو ويو ته پيٽروليم شين جا اگهه مهيني هڪ ڀيرو وڌائڻ ، گهٽائڻ يا برقرار رکڻ جو فيصلو مهيني ۾ هڪ ڀيرو نه پر ٻه ڀيرا ڪيو ويندو، اهڙي طرح تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هر پندرهين ڏينهن ڦير ڦار جو اصول لاڳو ڪري ڇڏيو. اهو فيصلو موجوده حڪومت دوران پيٽروليم اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *