Tuesday , April 23 2024

گهوٽڪي ۾ جرڳائي وڏيرن عدالتي حڪم جون ڌڄيون اڏاري ڇڏيون، پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو 5 سالن کان دربدر

گهوٽڪي ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ الله بخش پتافي واسي نوجوان ۽ ناري پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ تي برادري نفرتن کان بچي ناهن سگهيا. الله بخش پتافي ۾ پنج سال اڳ نوجوان غلام عباس پتافي ناري خانزادي سومرو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن جو جرڳائي وڏيرن نيٺ جرڳو ڪري سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جرڳن خلاف فيصلي جون ڌڄيون اڏاري ڇڏيون آهن. پسند جو پرڻو ڪرڻ کي ڪارنهن قرار ڏيڻ جي نادرشاهي فوتا جاري ڪئي وئي آهي. عدالتي حڪمن کي جرڳائي نظام هيٺ دفن ڪندي جوڙي تي ڪارنهن الزام لڳائي 20 لک روپيا ڏنڊ ۽ چار سالن جي معصوم نينگري مسڪان پتافي کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو آهي.

متاثر جوڙي غلام عباس پتافي پنهنجي گهرواري خانزادي سان گڏجي صحافين اڳيان دانهيندي الزام لڳائيندي ٻڌايو ته پنج سال اڳ آئون سومرا برادري جي خانزادي سومرو سان بهاولپور ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، پسند جي شادي ڪرڻ تي سومرا برادري طرفان اسان جي مٿان ڪارنهن الزام لڳائي پنج لک روپيا ڏنڊ ۽ ڳوٺ مان نيڪالي ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو هو، جنهن بعد اسان پنج سالن تائين پنهنجو ڳوٺ ڇڏي دربدري واري زندگي گذاري آهي. پنج سالن بعد دربدري جي زندگي کان تنگ اچي واپس پنهنجي ڳوٺ واپس آيس ته گهرواري جا مائٽ ٻيهر مڇرجي پيا ۽ جرڳو ڪوٺائي منهنجي مٿان 20 لک روپيا ڏنڊ ۽ پنج سال جي معصوم نياڻي مسڪان پتافي کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو آهي. هن چيو ته ڏنڊ جي رقم ۽ سڱ چٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيم ته وڏيرو اسلام سومرو، الله وسايو سومرو، نورل سومرو، لقمان سومرو، نديم سومرو، ارشاد سومرو، بشير احمد سومرو گهر تي حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن پهچي کيس بچائي ورتو.

هن ٻڌايو ته گذريل پنج سالن کان ڄاڻايل بااثر اسان جي جان جا ويري بڻيل آهن ۽ منهنجي مٿان گهرواري کي اغوا ڪرڻ جو کينجهو ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو، سکر هاءِ ڪورٽ ڄاڻايل ڪيس ختم ڪيو، اسان جي مٿان ٿيل حملي جو کينجهو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران منهنجي مٿان سومرا برادري جي فرياد تي بهه ۽ پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *