Thursday , April 25 2024

گهوٽڪي جي مهر خاندان ۾ سرداري تان ڦڏو تيز ٿي ويو

مهر خاندان ۾ سرداري پڳ تي هلندڙ تڪرار پوليس لاءِ به مٿي جو سور بڻيل

گهوٽڪي/ خانپور مهر (خاص نمائندو سنڌ سماچار) گهوٽڪي ضلعي جي مهر خاندان ۾ پڳ تي هلندڙ سرد جنگ منظر تي اچڻ کانپوءِ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، علي گوهر خان مهر ڇهين سيپٽمبر تي برادري جي پڳ حاصل ڪرڻ لاءِ برادري جو ڪٺ سڏائي ورتو آهي، ايڊيشنل ڊي آءِ جي سکر ٽن ايس ايس پيز جي سربراهي ۾ سيڪيورٽي پلان جوڙي ڇڏيو. ۾ لڳ ڀڳ پنج ڏهاڪن کان راڄ ڪندڙ مهر خاندان ۾ سياسي وڇوٽين کانپوءِ برادري جي سرداري واري پڳ جي دعويداري تي سردار محمد بخش مهر ۽ علي گوهر مهر وچ ۾ ڦڏو وڌي ويو آهي. علي گوهر مهر 6هين سيپٽمبر تي خانڳڙهه  ۾ برادري جو ڪٺ سڏائي ورتو آهي. سڀاڻي آچر ڏينهن گوهر پئلس ۾ ٿيندڙ مهر برادري جي ڪٺ واري اعلان کانپوءِ انتظاميا ۽ پوليس به پريشان ٿي وئي آهي. ايڊيشنل ڊي آءِ جي سکر امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان جوڙي ڇڏيو آهي، سيڪيورٽي لاءِ خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن ايس ايس پي کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *