Friday , March 29 2024

گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليس جي ڀرتين ۾ بي ضابطگين سبب رهجي ويل اميدوارن کان ٻيهر انٽرويو ورتا وڃن:سنڌهاءِ ڪورٽ

سکر ( بيورو رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ  2014-15 دوران گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليس جي سپاهين جي نوڪرين ۾ٿيل بيضابتگين سبب ڀرتين کان رهجي ويل اميدوارن کان ٻيهر انٽرويو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته 150 اميدوارن کان 18 ۽ 19 ڊسمبر تي انٽرويو ورتا وڃن. گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ قدرت الله شر، خادم حسين شر، ۽ ٻين پاران 2015 ۾ پنهنجي وڪيلن حاجي شمس الدين راڄپر، خان محمد سروهي ۽ ٻين وڪيلن معرفت ڌارا ڌار هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري موقف اختيار ڪيو هو ته، 2014 ۽ 2015 ۾ سپاهين جي ڀرتين واري ٽيسٽ ۾ اسان پاس ٿيا هئا سين پر، ان وقت جي پوليس آفيسرن سياسي سفارش عيوض کين نظرانداز ڪريڄاڻي واڻي ناپاس ڏيکاريو هو. هنن چيو ته، سياسي ماڻهن جا سفارشي اميدوار ڀرتي ڪيا ۽ اسان کي نوڪريون نه مليون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ سکر بئنچ ۾ جسٽس نديم اختر ۽ محمد فيصل تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ درخواستگذارن جي وڪيلن، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي وڪيلن جو موقف ٻڌڻ بعد آئيني درخواست تي فيصلو ٻڌايو. عدالت فيصلي ۾ آءِ جي سنڌ کي حڪم ڪيو آهي ته، فيصلو ٻڌائيندي آءِ جي سنڌ کي حڪم جاري ڪيو آهي ته، درخواسگذار 150 اميدوارن کان هلندڙ سال ئي 18 ۽ 19 ڊسمبر تي ٻيهر ٽيسٽ وٺي ميرٽ تي پاس ٿيندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *