Saturday , April 20 2024

گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ: سردار محمد بخش بخش ڏچي ۾ پئجي ويو

گهوٽڪي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) گهوٽڪي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 تي ننڍي چونڊ دوران مهر ڀائين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار چوٽ چڙهي ويو آهي، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوار سردار محمد بخش مهر لاءِ ڏچا وڌي ويا آهن، آزاد اُميدوار احمد علي مهر پ پ اُميدوار محمد بخش مهر کي سندس حمايت ۾ هٿ کڻڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، مهر ڀائرن جي ذريعندعويٰ ڪئي آهي ته علي گوهر مهر برادري جي چڱن مڙسن کي احمد علي مهر کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير علي محمد مهر جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ اين اي 205 تي ننڍي چونڊ لاءِ سياسي سرگرميون زور وٺي ويون آهن. پيپلز پارٽي جو اُميدوار ۽ مهر برادري جو سردار محمد بخش مهر احمد علي مهر کي حمايت ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ سندس گهر پهتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد بخش مهر مخالف اُميدوار۽ ڀاڻيجي احمد علي مهر سان ملاقات ڪري پنهنجي حق ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ چيو. ذرفيعن موجب محمد بخش مهر ڀاڻيجي کي چيو ته پڳدار هجڻ جي حيثيت سان هو ڏانهس لڙي آيو آهي، سندس خواهش آهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلي ۽ هُو سندس حق ۾ هٿ کڻي وڃي. ذريعن موجب علي احمد مهر فوري طور هٿ کڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هو پنهنجي چاچي علي گوهر مهر جي مرضيءَ کانسواءِ ڪوبه فيصلو نه ڪندو، هُو يعني محمد بخش مهر ان سان ڳالهائي، جيڪڏهن ان کيس چيو ته پوءِ هٿ کڻندو ٻي صورت ۾ هُو اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺي سندس مقابلو ڪندو، ملاقات جي موقعي تي بنگل خان مهر، ناصر شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا. ٻئي پاسي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته علي گوهر مهر طرفان خانڳڙهه جي گوهر پئلس ۾ مهر برادري جو ڪٺ گهرائي ورتو، جنهن ۾ خانڳڙهه، گهوٽڪي ۽ سرحد سوڌو ٻين علائقن ۾ مهر برادري سان واسطو رکندڙ چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته علي گوهر مهر طرفان چڱن مڙسن کي آزاد اُميدوار احمد علي مهر کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي کيس پڪ ڏني وئي ته برادري جا ماڻهو احمد علي مهر کي ووٽ ڏيندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *