Friday , March 29 2024

گهوٽڪي جي مهر خاندان سياسي ٻيگهي ٺاهڻ ۾ ڪامياب..؟؟

ڪراچي / گهوٽڪي( رپورٽ: اصغر آزاد /  رپورٽر    سنڌسماءَچار) گهوٽڪي ضلعي اندر 5 ڏهاڪن کان مختلف سياسي پليٽ فارمز استعمال ڪري هر دور ۾ اقتدار ۾ رهندڙ مهر خاندان، پهريون ڀيرو ٻن گروپن جي صورت ۾ ڌار ڌار سياسي پيلٽ فارم استعمال ڪري عام چونڊن ۾ ميدان ۾ لهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، راجا خان مهر ۽ علي گوهر مهر سياسي ٻيگهي ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي پليٽ فارمن تان ڌار ڌار اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهوٽڪي جي سياسي حلقن تي گهري نظر رکندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته مهر خاندان هن ڀيري ٻٽيون سياسي ڳوٽون استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

گهوٽڪي: مهر سردارن ۾ اختلاف نبري نه سگهيا، علي گوهر مهر ۽ راجا خان مهر هڪٻئي کان سياسي رستا ڌار ڪري ڇڏيا، علي گوهر مهر جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. مهر سردارن وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف نبري نه سگهيا آهن، جنهن کانپوءِ علي گوهر مهر ۽ راجا خان مهر هڪٻئي کان پنهنجا سياسي رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن. خانڳڙهه ۾ علي گوهر مهر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مهر گروپ جي حامين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته علي گوهر مهر جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان پي ايس 19 ۽ علي محمد مهر اين اي 205 تان چونڊ وڙهندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته نادر اڪمل لغاري اين اي 204 تي جي ڊي اي جو اميدوار هوندو، جڏهن ته شهريار علي شر پي ايس 18 تي گروپ جو گڏيل اميدوار هوندو. ٻئي پاسي راجا خان مهر ۽ سردار محمد بخش خان مهر پ پ جي ٽڪيٽن تان چونڊن ۾ حصو وٺندا.

هي خبر به پڙهي سگهو ٿا لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

”ڪنهن وٽ ريحام خان جو ڪتاب آهي ته مون کي ڏئي ته پڙهي چَسِڪو وٺان“: نثار کهڙو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *