Thursday , April 25 2024

گهوٽڪي جي داد لغاري شهر ۽ ڀرپاسي ۾ نقلي زرعي دوائن ۽ ٻج جو وڪرو،آبادگار پريشان

داد لغاري (عبدالحنان لغاري سنڌسماءَچار) دادلغاري ۾ نقل ٻج ۽ زرعي دوائن جي وڪري جي شڪايتن تي ايگريڪلچر عملدار پهتا مگر ڪنهن به دڪاندار يا سيٺ خلاف ايڪشن ڪرڻ بجاء شهنواز شيخ ڳري رشوت عيوض خاموش ٿي واپس روانو دڪانن تي ڇاپن دوران صحافين جي ٽيم پهتي ته ايگريڪلچر کاتي جو ڪرپٽ ڪامورو کسڪي ويو ڪاموري پاران صحافين کي موقف ڏيڻ بدران دڪاندارن کان  مال وٺڻ جي صلاح  ڏني ته توهان به مون وانگر پئسه وٺي پنهنجي روزي ڪيو،ياد رهي ته گذريل ٽن مهينن کان وٺي نقل ٻج ۽ زرعي دوائن جون شڪايتون هلي رهيون آهن مگر ڪڏهن به ڪنهن سيٺ يا ڊيلر خلاف ڪاروائي نه ٿي آهي دادلغاري ۽ ڀرپاسي ۾ هڪ سوّ کان وڌيڪ نقل ٻج ۽ غيرمعياري زرعي دعوائن جا دڪان کليل آهن ليڪن ڪنهن به دڪاندار وٽ لائنسس نه آهي ۽ ڪيتريون ئي غير رجسٽرڊ زرعي دعوائن جون ڪمپنيون هلي رهيون آهن، اهو به ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ايگريڪلچر کاتي جا ماها ڪرپٽ آفيسر ٽي هزار روپيه ماهانه في دڪان کان رشوت وٺن ٿا ج اسپري ڪرڻ تا سڙي وي، وس وارن ۽ ايگريڪلچر جي اعلي آفيسرن کي التجا آهي ته هن ڪرپٽ آفيسر ۽ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري غريب هارين ۽ آبادگارن جا فصل بچايا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *